1 ڏاهپ رڙيون نٿي ڪري ڇا، ۽ سمجهہ وڏي سڏ نٿي پڪاري ڇا؟
1 اوهين سڀيئي ٻڌو، ڏاهپ هڪ عورت وانگر وڏي واڪي بيٺي سڀني کي سڏي ٿي.
اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن تون منهنجون ڳالهيون قبول ڪندين، ۽ منهنجا حڪم پاڻ وٽ سانڍي رکندين؛
اي منهنجا پٽ، منهنجي تعليم متان وسارين؛ پر تنهنجي دل ڀلي تہ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري:
هيءُ اُهو آهي جنهن جي بابت يسعياهہ نبيءَ ذڪر ڪيو هو، تہ ”رڻ پٽ ۾ هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ اوهين خداوند جو رستو تيار ڪريو، ۽ سندس واٽون سنئيون ڪريو“.
انهي وقت کان وٺي يسوع منادي ڪري چوڻ لڳو تہ توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.
۽ سڀني قومن ۾ ضرور پهريائين انجيل جي منادي ڪئي ويندي.
۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي.
تڏهن عيد جي پوئين ڏينهن، جو خاص ڏينهن هو، يسوع بيهي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو اُڃايل هجي تہ اُهو مون وٽ اچي پيئي.
پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا.
پوءِ مون کي چيائين تہ هتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ جو آئون توکي هتان پري غير قومن ۾ موڪليندس.
پر يهودي توڙي يوناني، جي سڏيا ويا آهن، تن جي لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاهپ آهي.