Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 7:21 - Sindhi Bible

21 ڏاڍيءَ مٺيءَ ٻوليءَ سان هوءَ هن کي قبول ڪرائي ٿي، ۽ پنهنجن چپن جي چاپلوسيءَ سان هن کي زور ڪري وٺي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري هن کيس موهي وڌو ۽ پنهنجي چاپلوسيءَ وارين ڳالهين سان کيس ڌتاري ورتائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 7:21
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ اليشع لنگهي شونيم ڏي ويو، جتي هڪڙي امير زال رهندي هئي؛ ۽ هن زور ڪيس تہ ماني کاءُ. ۽ ائين ئي ٿيو، تہ جڏهن ڪڏهن هو اُتان لنگهندو هو تڏهن ڦري اچي اُتي ماني کائيندو هو.


۽ هنن چار ڀيرا انهيءَ طرح مون کي گهرايو؛ ۽ مون بہ ساڳيو جواب ڏنومان.


انهن مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان اجايون ڳالهيون پيو ڪري، اهي منهن جا مٺا ٿي، دل ۾ ٻيائي رکي ٿا ڳالهائين.


ڇالاءِ جو ڌاريءَ زال جي چپن مان ماکي وهي ٿي، ۽ ان جو وات تيل کان وڌيڪ سڻڀو آهي.


انهيءَ لاءِ تہ توکي خراب زال کان، ۽ ڌارين جي خوشامد کان بچائين.


هو سڌو هن جي پٺيان هليو وڃي ٿو، جيئن ڪو ڏاند ڪوس تي وڃي يا جيئن زنجيرن ۾ بي عقل سزا لاءِ وڃن؛


تہ اُهي توکي ڌارين زالن کان بچائين، اها ڌاري زال جا پنهنجي ٻولن سان تنهنجي خوشامد ڪري ٿي.


تڏهن مالڪ نوڪر کي چيو، تہ سڙڪن، ۽ ٻنين جي دڳن تي وڃ، ۽ مجبور ڪري وٺي اچين، تہ منهنجو گهر ڀرجي پوي.


تڏهن هنن زور ڪيس تہ اسان وٽ ٽڪي پؤ، ڇالاءِ جو سانجهي ٿيڻ تي آهي، ۽ ڏينهن لڙي ويو هو. تڏهن هو ساڻن ٽڪڻ لاءِ اندر ويو.


۽ جڏهن انهيءَ، توڙي سندس گهر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿ ڪري چوڻ لڳي تہ جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند جي ايماندار بندي ڪري ٿا سمجهو، تہ منهنجي گهر هلي رهو. ۽ زور ڪري اسان کي وٺي ويئي.


ڇالاءِ جو مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، هن ڪري جو اسين ائين ٿا سمجهون، تہ جي هڪڙو سڀني لاءِ مُئو تہ سڀ مري ويا؛


۽ اُهي ست ڏينهن جن ۾ اُها مجلس پئي هلي، سي هن سندس اڳيان پئي رنو: ۽ هيئن ٿيو تہ ستين ڏينهن جڏهن هن کيس گهڻو زور ڪيو تڏهن هن اُها ٻڌايس. پوءِ هن وڃي اُها پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ٻڌائي.


پر هن انڪار ڪري چيو تہ آءٌ ڪين کائيندس. پر هن جي نوڪرن انهي زال سان گڏجي کيس گهڻو زور ڪيو؛ تڏهن هن انهن جي ڳالهہ مڃي ۽ هو زمين تان اُٿي کٽ تي ويٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ