Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 7:2 - Sindhi Bible

2 منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪر ۽ جيئندو رهہ؛ ۽ منهنجي قاعدي کي پنهنجي اک جي ماڻڪيءَ وانگر سنڀال.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهندا تہ اوهين ڊگھي ڄمار ماڻيندا. منهنجي نصيحتن جي پنهنجي اک جي ماڻڪيءَ وانگر بيحد حفاظت ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 7:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجون شاهديون هميشہ جي لاءِ راست آهن: مون کي سمجهہ ڏي تہ آءٌ جيئرو رهان.


اک جي پتلي وانگر مون کي سنڀال، ۽ مون کي پنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ لڪاءِ،


تعليم کي قابو ڪري جهل؛ ۽ وڃڻ نہ ڏينس؛ سنڀاليو اچينس؛ ڇالاءِ جو اها تنهنجي حياتي آهي.


انهن کي پنهنجي نظر کان نڪري وڃڻ نہ ڏي؛ انهن کي پنهنجي دل ۾ سنڀاليو اچ.


۽ منهنجي پيءُ مون کي تعليم ڏني ۽ مون کي چيائين تہ، جيڪي آءٌ چوان ٿو سو پنهنجي دل تي ڄمائي ڇڏ: منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪر ۽ جيئندو رهہ:


اوهين پنهنجو ڪن ڏيو ۽ مون ڏانهن اچو؛ ٻڌو تہ اوهان جو روح جيئرو رهي: ۽ آءٌ اوهان سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس، يعني دائود واريون سچيون رحمتون نازل ڪندس.


پر يرمياہ چيو تہ هو توکي انهن جي حوالي نہ ڪندا، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون خداوند جو اهو حڪم مڃ جو آءٌ توکي ٻڌايان ٿو: جو انهي مان تنهنجو ڀلو ٿيندو، ۽ تنهنجي جان بچندي.


تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن ۽ منهنجن حڪمن تي عمل ڪجو: جيڪو ماڻهو ائين ڪندو، سو انهن جي ڪري جيئرو رهندو: آءٌ خداوند آهيان.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جلال جي لاءِ هن مون کي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦُريو لُٽيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان کي ڇُهي ٿو، سو هن جي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇُهي.


جنهن وٽ منهنجا حڪم آهن، ۽ جو اُهي بجا ٿو آڻي، سو ئي آهي جو مون کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تنهن کي منهنجو پيءُ پيار ڪندو، ۽ آئون بہ پيار ڪندوسانس، ۽ کيس پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندس.


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن هلندا تہ منهنجا دوست آهيو.


خداوند هن کي رڻ پٽ ۾، ۽ سڃي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ لڌو هو؛ هو انهي جي آس پاس رهيو، ۽ انهي جي سنڀال ڪيائين، ۽ انهي کي پنهنجيءَ اک جي ماڻڪيءَ وانگر رکيائين.


مبارڪ آهن اُهي، جي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ٿا ڪن، اُهي زندگيءَ جي وڻ جا حقدار ٿيندا ۽ انهي شهر ۾ درن مان گهڙندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ