16 مون پنهنجي پلنگ تي نقشدار غاليچا، ۽ مصر جا سوٽي پٽاپٽي ڪپڙا وڇايا آهن.
16 مون پنهنجي پلنگ تي مصر جون ٺهيل نقشدار چادرون وڇايون آهن.
۽ سليمان وٽ جيڪي گهوڙا هئا، سي مصر مان آندا ويا هئا؛ ۽ بادشاهہ جا سوداگر اُهي گلن جا گلا خريد ڪندا هئا، هرهڪ گلو ٺهرايل قيمت تي وٺندا هئا.
هوءَ پنهنجي لاءِ نقشدار غاليچا جوڙي ٿي؛ سندس ڪپڙا عمديءَ ڪتان جا ۽ واڱڻائي رنگ جا آهن.
تنهن ڪري آءٌ توکي گڏجڻ لاءِ نڪري آئي آهيان، ڏاڍيءَ ڪوشش سان تنهنجي منهن جي تلاش پئي ڪيم ۽ هاڻ مون توکي لڌو آهي.
ڏس، اي منهنجا محبوب، تون حسين آهين، هائو، دلپسند آهين: اسان جو پلنگ سائو آهي.
تنهن کانسواءِ جيڪي صاف ڪيل سڻيءَ جو ڪم ٿا ڪن ۽ جيڪي اڇو ڪپڙو اُڻن ٿا، سي شرمندا ٿيندا.
تنهنجو سڙهہ سنهڙي سڻيءَ جي چڪندوزي ڪپڙي جو هو، جو مصر مان آندو ويو هو، انهي لاءِ تہ اُهو تنهنجي لاءِ هڪڙو بيرق جهڙو نشان ٿئي؛ تنهنجي ڍڪ جو ٽپڙ آسماني ۽ واڱڻائي رنگ جو هو، جو اليسہ جي ٻيٽن مان آندو ويو هو.
ڏس، آئون انهيءَ کي بستري داخل ٿو ڪريان، ۽ جيڪي ساڻس زنا ٿا ڪن، سي جيڪڏهن پنهنجن ڪمن کان توبهہ نہ ڪندا تہ کين مصيبت ۾ وجهندس.