Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 7:12 - Sindhi Bible

12 ڪڏهن هوءَ گهٽين ۾ آهي، ڪڏهن ڪشادن ميدانن ۾، ۽ سڀ ڪنهن ڪنڊ تي ڇپ هڻي ويهي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اهي گھٽين، چوراهن ۽ بازارن ۾ رلنديون وتنديون آهن، تان‌تہ ڪنهن مرد کي ڦاسائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 7:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو هوءَ هڪڙي چور وانگر ڇپ هڻي ويهي ٿي، ۽ ماڻهن ۾ دغابازن جو شمار وڌائي ٿي.


جو گهٽيءَ مان هن جي ڪنڊ جي ڀرسان لنگهيو ٿي ويو، ۽ هو اُهو رستو ڏيئي انهيءَ جي گهر ۾ ويو؛


هوءَ پنهنجي گهر جي در تي ويهي ٿي. شهر جي مٿانهين جاين ۾ هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي.


ڇالاءِ جو قديم وقت کان مون تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، ۽ تنهنجا بند خلاص ڪري ڇڏيا اٿم؛ ۽ تو چيو تہ آءٌ خدمت نہ ڪنديس؛ ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ تو ڪنڃريءَ وانگي پاڻ کي جهڪايو آهي.


تون ڪيئن نہ پنهنجو رستو ٿي ٺاهين تہ يار ڳولين! تنهن ڪري ڪميڻين زالن کي بہ تو پنهنجا رستا سيکاريا آهن.


تون پنهنجي رستي بدلائڻ لاءِ ڇو ٿي رلين؟ جيئن تون اسور جي ڪري شرمندي ٿي هئينءَ تيئن مصر جي ڪري بہ شرمندي ٿيندينءَ.


اُگهاڙين ٽڪرين ڏانهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاري ڏس؛ ڪٿي توسان ڪو نہ ستو آهي؟ رستن جي ڪناري، بيابان جي عرب وانگي تون هنن جي لاءِ ويٺي آهين؛ ۽ تو هن ملڪ کي پنهنجن زناڪارين سان، ۽ پنهنجي بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.


جو تون سڀ ڪنهن رستي جي ڪُنڊ تي مٿانهين جاءِ ٿي جوڙين، ۽ سڀ ڪنهن گهٽيءَ ۾ پنهنجو عاليشان مڪان ٿي ٺاهين؛ پر ڪڃريءَ جهڙي نہ ٿي رهي آهين، ڇالاءِ پئسا وٺڻ تي کلين ٿي.


۽ تو ۾ وري ڏيئي جو سوجهرو ڪڏهن ڪونہ ٿيندو، ۽ تو ۾ وري گهوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ڪڏهن بہ ٻُڌڻ ۾ ڪونہ ايندو! تنهنجا سوداگر زمين جا امير هئا ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ٺڳجي ويون هيون.


ڇالاءِ جو هن جي ناپاڪائيءَ جي شراب جي ڪري سڀ قومون مست ٿي پيون آهن؛ ۽ زمين جي بادشاهن انهي سان زناڪاري ڪئي، ۽ دنيا جا سوداگر انهي جي عيش عشرت جي گهڻائيءَ ڪري دولتمند ٿي پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ