Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 7:1 - Sindhi Bible

1 اي منهنجا پٽ، منهنجين ڳالهين جي سنڀال ڪج، ۽ منهنجا حڪم پاڻ وٽ سانڍي رکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهين تي پوريءَ طرح توجہ ڏيو، ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوان سو نہ وسارجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 7:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هن جي واتان شريعت قبول ڪر، ۽ هن جون ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍ.


اي منهنجا پٽ، پنهنجي پيءُ جي تعليم ٻڌ، ۽ پنهنجي ماءُ جو قاعدو ڇڏي نہ ڏي:


ڏاها ماڻهو علم گڏ ڪن ٿا: پر بي عقل جو وات هڪڙو ترت موت آهي.


اي منهنجا پٽ، منهنجي تعليم متان وسارين؛ پر تنهنجي دل ڀلي تہ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري:


انهن کي پنهنجي نظر کان نڪري وڃڻ نہ ڏي؛ انهن کي پنهنجي دل ۾ سنڀاليو اچ.


ان جا پير موت ۾ لاهين ٿا؛ ۽ ان جا قدم قبر تي وڃيو ٿا کپن؛


اي منهنجا پٽ، پنهنجي پيءُ جي حڪمن جي سنڀال رک، ۽ پنهنجي ماءُ جو قاعدو ڇڏي نہ ڏي.


هو ڪنهن بہ عيوضي تي ڌيان نہ ڏيندو؛ جيتوڻيڪ تون هن کي گهڻيون سوکڙيون ڏيندين تہ بہ هو راضي نہ رهندو.


تنهن تي هن چيو، تہ هائو، پر وڌيڪ مبارڪ آهن اُهي، جي خدا جو ڪلام ٻُڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا سي اُهي آهن، جي ڪلام ٻڌي سچيءَ ۽ سالم دل ۾ اُن کي سانڍيو رکن ٿا، ۽ صبر سان ڦل پيا اُپائين.


يسوع جواب ڏيئي چيس، تہ جيڪڏهن ڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تہ اُهو منهنجي ڪلام تي هلندو، ۽ منهنجو پيءُ پيار ڪندس، ۽ اسين وٽس اينداسين ۽ اچي ساڻس گڏ رهنداسين.


اها ڳالهہ جا مون اوهان کي ٻُڌائي آهي، تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان مٿي نہ آهي، سا ياد رکجو. جيڪڏهن اُنهن مون کي ستايو آهي، تہ اوهان کي بہ ستائيندا، جيڪڏهن منهنجين ڳالهين تي هليا آهن، تہ اوهان جي ڳالهين تي بہ هلندا.


۽ لعنت انهيءَ حالت ۾، جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم نہ مڃيندا، ۽ جنهن رستي جو مون اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن کي ڇڏي ٻئي پاسي ڦرندا، ۽ ٻين معبودن جي پيروي ڪندا، جن جي اڃا تائين اوهان کي خبر ڪانهي.


مبارڪ آهي اُهو، جو هن پيشنگوئي جون ڳالهيون پڙهي ٿو، ۽ اُهي جي ٻُڌن ٿا، ۽ جيڪي اُنهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي هلن ٿا: ڇالاءِ جو وقت ويجهو آهي.


۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، ائين نہ ڪر؛ آئون تو سان ۽ تنهنجي ڀائرن نبين سان، ۽ جيڪي هن ڪتاب جي ڳالهين تي هلن ٿا، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان. خدا کي ئي سجدو ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ