9 اڙي سست، تون ڪيترو سمهندين؟ ڪڏهن تون پنهنجي ننڊ مان اُٿندين؟
9 اڙي اي سُست وَ ڪاهلؤ! اوهين ڪيستائين ستا پيا هوندا؟ اوهين ڪڏهن پنهنجي ننڊ مان اٿندا؟
اوهين جي اُمت ۾ وحشي آهيو سي ويچار ڪريو؛ ۽ اي بيوقوفو اوهين ڪڏهن سياڻا ٿيندا؟
اي ڀورڙا، ڪيستائين اوهين ڀورڙائيءَ کي پيار ڪندا؟ ۽ ڪيستائين ٺٺولي ڪندڙن کي ٺٺولي ڪرڻ ۾ خوشي حاصل ٿيندي، ۽ بي عقل علم کي ڌڪاريندا؟
سستي گهاٽيءَ ننڊ ۾ غرق ٿي ڪري؛ ۽ سست جيءَ بک ڪڍندو.
ننڊ کي پيار نہ ڪر تہ متان ڪنگال ٿي پوين، پنهنجيون اکيون کول تہ مانيءَ جو ڍءُ ٿئيئي.
جيئن در پنهنجن چوڙن تي ڦري ٿو، تيئن سست پنهنجي هنڌ تي ٿو ڪري.
اڃا بہ ٿوري ننڊ، ٿوري پنڪي، سمهڻ لاءِ ٿورو ٻانهون سوڙهيون ڪرڻ:
اي سست، تون ماڪوڙيءَ وٽ وڃ؛ هن جي رستن تي ويچار ڪر، ۽ ڏاهو ٿيءُ:
تہ بہ پنهنجي لاءِ آرڙهہ ۾ کاڌو موجود ڪري ٿي، ۽ فصل لهڻ جي وقت پنهنجي خوراڪ گڏ ڪري ٿي.
بيوقوف پنهنجون ٻانهون ٻڌي ويهي ٿو، ۽ پنهنجو ماس کائي ٿو.
اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.
يوحنا نالي هڪڙو شخص آيو، جو خدا وٽان موڪليو ويو هو.
۽ وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهي لاءِ تہ هينئر ئي اهو وقت اچي پهتو آهي، جنهن ۾ اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو: ڇوتہ جنهن وقت اسان ايمان آندو هو، تنهن وقت جي نسبت ۾ هينئر اسان جي نجات زيادہ ويجهي آئي آهي.
تنهنڪري هو چوي ٿو تہ، ”تون جو سُتو پيو آهين، سو جاڳ ۽ مُئلن منجهان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائي.“