Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 6:23 - Sindhi Bible

23 ڇالاءِ جو حڪم هڪڙو ڏيئو آهي؛ ۽ قاعدو نور آهي؛ ۽ تعليم جون فهمائشون حياتيءَ جو رستو آهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 انهن جي هدايت ۽ تربيت هڪڙي ڏيئي مثل آهي جيڪا اونداهيءَ ۾ چمڪندڙ روشني ڏئي ٿي. سندن نصيحت اوهان کي زندگي گذارڻ جو طريقو ٿي سيکاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 6:23
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن نہ مڃيو، ۽ پنهنجي مالڪ جي زال کي چيائين تہ ڏس، منهنجي مالڪ کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ گهر ۾ ڇا آهي؛ ۽ جيڪي سندس آهي، سو سڀ منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو اٿس.


ن تنهنجو ڪلام منهنجي واٽ لاءِ روشني، ۽ منهنجي پيرن لاءِ ڏيئو آهي.


تنهنجي ڪلام جو مطالعو سوجهرو ٿو ڏئي؛ ۽ ڀورڙن کي سمجهہ ٿو بخشي.


ڀلي تہ راستباز ماڻهو مون کي ماري، اها مهرباني ٿيندي؛ ۽ ڀلي تہ اهو مون کي جهڻڪي، اهو ڄڻ تہ منهنجي مٿي تي تيل وڌائين؛ شل منهنجو مٿو انهي کان انڪار نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو انهن بڇڙائين ۾ بہ آءٌ دعا گهرندس.


خداوند جا قاعدا صحيح آهن، جي دل کي خوش ٿا ڪن: خداوند جو حڪم پاڪ آهي، جو اکين کي روشن ٿو ڪري.


جيڪو تعليم تي ڌيان ڏئي ٿو سو حياتيءَ جي رستي تي آهي: پر جيڪو ملامت کي ڇڏي ڏئي ٿو سو گمراهہ ٿئي ٿو.


ڏاهي جي لاءِ حياتيءَ جو رستو مٿي چڙهندو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ هو پاتال کان پري وڃي ٿو.


جيڪو ڪن حياتيءَ جي فهمائش ٻڌي ٿو سو ڏاهن منجهہ رهندو.


لڪڻ ۽ ڇينڀ ڏاهپ لهن ٿا، پر پنهنجي منهن ڇڏي ڏنل ٻار پنهنجي ماءُ کي شرمندو ڪري ٿو.


جيڪي ان کي هٿ وجهي جهلين ٿا تن جي لاءِ اُها حياتيءَ جو وڻ آهي: ۽ جيڪو اُن کي وٺي جهلي ٿو سو سڀاڳو آهي.


تعليم کي قابو ڪري جهل؛ ۽ وڃڻ نہ ڏينس؛ سنڀاليو اچينس؛ ڇالاءِ جو اها تنهنجي حياتي آهي.


۽ منهنجي پيءُ مون کي تعليم ڏني ۽ مون کي چيائين تہ، جيڪي آءٌ چوان ٿو سو پنهنجي دل تي ڄمائي ڇڏ: منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪر ۽ جيئندو رهہ:


۽ تون چوين تہ ڪيئن مون تعليم کي ڌڪاريو آهي، ۽ منهنجي دل فهمائش کي خسيس ڄاتو؛


۽ مون موت کان بہ ڪَڙي شيءِ لڌي، يعني زال، جنهن جي دل ڦندا ۽ ڄار آهي، ۽ جنهن جا هٿ هٿڪڙيون آهن: جنهن مان خدا راضي هوندو سو ئي انهي کان بچي نڪرندو: پر گنهگار کي هوءَ وٺي ويندي.


ماڻهوءَ جي لاءِ ڏاهي جو طعنو بي عقلن جي راڳ ٻڌڻ کان بهتر آهي.


شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو.


۽ انهي قوم کي تون چئج تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي اڳيان حياتيءَ جو رستو ۽ موت جو رستو ٿو رکان.


۽ هنن کي پنهنجا قانون ڏنم ۽ پنهنجا حڪم ٻڌايم، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي.


تون پنهنجي ڀاءُ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ دشمني نہ رکج: تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي ضرور ڏوراپو ڏج، ۽ انهي جو لحاظ ڪري، پنهنجي سر تي گناهہ نہ کڻج.


۽ اسان وٽ نبين جو ڪلام آهي، جو زيادہ اعتقاد جوڳو آهي؛ ۽ اوهين چڱو ٿا ڪريو جو انهي تي ايترو غور ٿا ڪريو جو ڄڻ تہ هڪڙو ڏيئو آهي، جو اونداهيءَ جاءِ ۾ تيستائين سوجهرو پيو ڏئي، جيستائين ڪ پرهہ ڦٽي، ۽ صبح جو ستارو اوهان جي دلين ۾ اُڀري.


تنهنڪري ياد ڪر تہ تون ڪٿان ڪِريو آهين، ۽ توبهہ ڪري اڳئين جهڙا ڪم ڪر؛ نہ تہ آئون تو وٽ ايندس، ۽ جي تون توبهہ نہ ڪندين تہ آئون تنهنجو شمعدان سندس جاءِ تان هٽائي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ