Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 6:22 - Sindhi Bible

22 جڏهن هلندين تڏهن اُهو تنهنجي هدايت ڪندو؛ جڏهن تون سمهندين تڏهن اُهو تنهنجي مٿان پهرو ڏيندو؛ ۽ جڏهن تون جاڳندين تڏهن اهو تو سان ڳالهائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جيڏانهن اوهين ويندا تہ انهن جون نصيحتون اوهان جي رهنمائي ڪنديون، جڏهن اوهين سمهندا تہ اهي اوهان جي نگهباني ڪنديون ۽ ڏينهن جو جڏهن اوهين جاڳيل هوندا تہ اهي اوهان کي سهڻيون صلاحون ڏينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 6:22
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون تنهنجو ڪلام پنهنجيءَ دل ۾ رکيو آهي، تہ آءٌ تنهنجي برخلاف گناهہ نہ ڪريان.


رات جي هر ڪنهن پهر ۾ منهنجي اک کلي رهي، تہ آءٌ تنهنجي ڪلام تي غور ڪريان.


تنهنجيون شاهديون منهنجي خوشي ۽ منهنجيون صلاح ڪار آهن.


پنهنجيءَ مسافريءَ ۾ آءٌ تنهنجن قانونن جو گيت ٿو ڳايان.


ب جوان ماڻهو ڀلا ڪهڙيءَ طرح پنهنجي چال صاف رکندو؟ تنهنجي ڪلام موجب انهي جي خبرداري ڪرڻ سان.


م اوهہ، مون کي تنهنجي شريعت ڪهڙي نہ پياري آهي! آءٌ سڄو ڏينهن مٿس غور پيو ڪريان.


انساني ڪمن بابت، تنهنجي وات جي ڪلام سان، مون پاڻ کي ظالم جي واٽن کان بچايو آهي.


لکين ماڻهو، جن منهنجي برخلاف گهيرو ڪيو آهي، تن کان آءٌ ڪين ڊڄندس.


پنهنجو سوجهرو ۽ سچائي موڪل، تہ اهي منهنجي رهبري ڪن: ۽ مون کي تنهنجي پاڪ جبل ۽ تنهنجي تنبن تائين پهچائين.


سياڻپ تنهنجي نگهباني ڪندي، سمجهہ تنهنجي سنڀال ڪندي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ