Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 6:18 - Sindhi Bible

18 خراب خيالي رٿون رٿيندڙ دل، خرابيءَ ڏانهن تکا ڊوڙندڙ پير؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 بڇڙائيءَ واريون رٿون رٿيندڙ دل، بدڪاري ڪرڻ واسطي تکا ڊوڙندڙ پير،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 6:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند ڏٺو تہ انسان جي بڇڙائي زمين تي وڌي ويئي آهي، ۽ هن جي دل جو هرڪو خيال ۽ تصور بہ سدائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي.


هو پنهنجي هنڌ تي ليٽي بڇڙائيءَ جون رِٿون ٿو رٿي: ۽ خراب رستي تي وڃي ٿو بيهي: ۽ برائيءَ کان نفرت نٿو ڪري.


ڇالاءِ جو هنن جا پير برائيءَ ڏانهن ٿا ڊوڙن، ۽ هو رت هارڻ لاءِ تڪڙ ٿا ڪن.


خراب تجويزن کان خداوند کي ڪراهت اچي ٿي: پر وڻندڙ لفظ پاڪ آهن.


ڇالاءِ جو هنن جي دل ظلم زبردستيءَ جي خيال ۾ ٿي رهي، ۽ هنن جا چپ نقصان جون ڳالهيون ٿا ڪن.


جيڪو برائي ڪرڻ جون رٿون ڪري ٿو، تنهن کي ماڻهو فسادي شخص سڏيندا.


انهن جا پير برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا، ۽ اهي بي گناهہ جو رت وهائڻ لاءِ تڪڙا ٿا ٿين: انهن جا خيال بدڪاريءَ جا آهن؛ انهن جي واٽن ۾ ويراني ۽ بربادي آهي.


اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.


ويل آهي انهن سان، جي بڇڙائي جون رٿون ٿا رٿين، ۽ پنهنجي هنڌن تي خراب ڪم ٿا ڪن! ۽ جڏهن صبح جي روشنائي ٿي ٿئي، تڏهن اُهي پورا ٿا ڪن، ڇالاءِ جو اهو هنن جي هٿ وسيڪو آهي.


۽ ڪوبہ پنهنجي دل ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ لاءِ بڇڙو خيال نہ ڪري؛ ۽ نڪي ڪوڙي قسم کي عزيز رکي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن سڀني ڳالهين کان مون کي نفرت آهي.


سندن پير رت وهائڻ لاءِ تڪڙا ٿا هلن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ