12 نڪمو آدمي، بدڪار ماڻهو؛ هو بيهودي وات سان هلي ٿو؛
12 خبيث ۽ بدڪار ماڻهو هر هنڌ ڪوڙ ڳالهائيندا ٿا وتن.
ڇالاءِ جو بدڪار پنهنجيءَ دل جي خواهش تي ٻٽاڪ ٿو هڻي، ۽ لالچي ماڻهو خداوند کي ڇڏي ٿو ڏئي، بلڪ هن تي لعنت ٿو ڪري.
هن جو وات لعنت، ۽ دغا، ۽ ظلم سان ڀريل آهي: هن جي زبان تي ٺڳي ۽ برائي آهي.
آءٌ ڪنهن خراب ڳالهہ کي پنهنجي سامهون ڪين رکندس: جيڪي خراب رستي تي ٿا هلن تن جي ڪمن کان مون کي نفرت آهي؛ انهن سان منهنجو ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي.
انهي جي وات ۾ برائي ۽ دغا جون ڳالهيون آهن: ۽ هن سياڻپ ۽ نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.
ڏس اهي وات مان اوڳرايون پيا ڪڍن؛ سندن چپن ۾ تراريون آهن: ڇو جو هو چون ٿا تہ ڪير ٿو ٻڌي؟
سچن جا چپ ڄاڻن ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ قبول پوڻ جهڙي آهي: پر شريرن جي وات مان بيهودي بڪ نڪري ٿي.
سچن جي سچائي کين ڇڏائيندي: پر جيڪي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن سي خود پنهنجي ئي حرڪت ۾ ڦاسي پوندا.
نالائق ماڻهو شرارت جون رٿون ڪري ٿو: ۽ هن جي چپن ۾ ساڙيندڙ باهہ آهي.
جيڪو پنهنجون اکيون بند ٿو ڪري سو انهيءَ لاءِ ٿو ڪري تہ بيهوديون ڳالهيون رٿي: جيڪو پنهنجا چپ ڀيڙي ٿو سو خرابيءَ پيدا ڪري ٿو.
بدڪار ماڻهو خراب ڳالهين تي ڌيان ڏئي ٿو، ۽ ڪوڙو ماڻهو شرارتي زبان ڏانهن ڪن ڏئي ٿو.
انهيءَ لاءِ تہ توکي خرابيءَ جي رستي کان، ۽ جيڪي ماڻهو بيهوديون ڳالهيون ٿا ڪن تن کان بچائي؛
ڇالاءِ جو ڏنگي ماڻهوءَ کان خدا کي نفرت ٿي اچي: پر انهيءَ جو ڳجهہ سچن وٽ آهي.
بيهودو وات پاڻ کان پري ڪر، ۽ ڏنگا چپ پاڻ کان پري اُڇلاءِ.
بيهودگي هنن جي دل ۾ آهي، هو هميشہ خراب رِٿون پيو ڪري؛ هو فتنو فساد پيو پوکي.
خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.
هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ عمدا انجير هئا، انهن انجيرن جهڙا جي پهرين پچندا آهن: ۽ ٻيءَ ٽوڪريءَ ۾ خراب انجير هئا، جي اهڙا خراب هئا جو کائڻ جي لائق ئي نہ هئا.
اي نانگ جا ٻچو، اوهين بڇڙا ٿي ڪيئن چڱيون ڳالهيون ڪري سگهندا؟ ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندو، سو ئي وات مان نڪرندو.
۽ خود اوهان منجهان ئي اهڙا ماڻهو نڪرندا، جي شاگردن کي پنهنجي پاسي آڻڻ لاءِ اُبتيون اُبتيون ڳالهيون ڪندا.
۽ تنهن کانسواءِ هو سست ۽ گهر گهر رُلن ٿيون؛ ۽ نہ رڳو سست ٿيون رهن، پر اجائي بَڪ ڪرڻ، ۽ ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ ناشائستيون ڳالهيون ڪرڻ بہ ٿيون سکن.
تنهنڪري بڇڙائيءَ جي سڀ گندگي ۽ زيادتي ڇڏي، اُهو پوکيل ڪلام تحمل سان قبول ڪريو، جو اوهانجن روحن کي بچائي ٿو سگهي.
۽ زبان بہ هڪڙي باهہ آهي: اسانجن عضون ۾ شرارت جو عالم اها زبان آهي، جا ساري بدن کي ڪِنو ٿي ڪري، ۽ دنيا جي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي ۽ دوزخ جي باهہ سان پيئي سڙي.
۽ جڏهن هن ماڻهن سان پئي ڳالهايو تڏهن هن جي وڏي ڀاءُ الياب اهو ٻڌو، ۽ الياب جي ڪاوڙ دائود تي ڀڙڪي، ۽ چوڻ لڳو تہ تون ڇو لهي آيو آهين؟ ۽ تون ڪنهن وٽ اُهي ٿوريون رڍون بيابان ۾ ڇڏي آيو آهين؟ تنهنجي مغروري ۽ تنهنجي دل جي شرارت آءٌ ڄاڻان ٿو؛ ڇالاءِ جو تون انهي لاءِ آيو آهين تہ جنگ ڏسين.