9 تہ متان پنهنجي عزت ٻين کي ڏيئي ڇڏيو، ۽ پنهنجا ورهيہ ظالمن کي:
9 متان اوهين پنهنجي نيڪ نامي وڃائي ويهو ۽ انهيءَ عورت جي مڙس هٿان جوانيءَ ۾ ئي بيرحميءَ سان قتل ڪيا وڃو.
اسرائيل جي بادشاهہ سليمان انهن ڳالهين جي ڪري گناهہ نہ ڪيو هو ڇا؟ جيتوڻيڪ هن جهڙو بادشاهہ گهڻين قومن ۾ ڪونہ هو، ۽ هو پنهنجي خدا جو پيارو هو، ۽ خدا هن کي سڄي اسرائيل جو بادشاهہ ڪيو: انهيءَ هوندي بہ هن کان ڌارين زالن گناهہ ڪرائي وڌو.
پنهنجي طاقت زالن کي نہ ڏي، ۽ نہ پنهنجا رستا انهي کي جو بادشاهن کي ناس ڪري ٿو.
متان ڌاريا ماڻهو اوهان جي طاقت تي ڀرجي وڃن؛ ۽ اوهان جا پورهيا ڪنهن اجنبيءَ جي گهر ۾ وڃن؛
انهيءَ زال کان پنهنجو رستو پري ڪريو، ۽ ان جي گهر جي در کي ويجها نہ وڃو؛
ڇالاءِ جو هڪڙي ڪسبياڻيءَ زال جي ڪري ماڻهو لهي اچي مانيءَ جي ٽڪر تي ٿو بيهي: ۽ زناڪار زال قيمتي حياتيءَ جو شڪار ٿي ڪري.