16 تنهنجا چشما پري پکڙي وڃن ڇا، ۽ پاڻيءَ جون نديون گهٽين ۾ وهي وڃن ڇا؟
16 اوهين ڇو ٻين چشمن مان پاڻي پيئو جن جو پاڻي رستي جي ناليءَ ۾ وهي ٿو؟
۽ ربقہ کي دعا ڪري چيائون تہ اسان جي ڀيڻ، شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿين، شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمن جي دروازي تي قبضو ڪري.
ڏسو اولاد خداوند وٽان ورثو آهي: ۽ پيٽ جو ڦر هنجي طرفان انعام آهي.
تنهنجي زال تنهنجي گهر جي اندر ميويدار ڊاک وانگي ٿيندي: تنهنجا ٻار تنهنجي دسترخاني جي چوڌاري زيتون جي وڻن جهڙا ٿيندا.
اوهين جماعت ۾ خدا کي مبارڪ چئو، اوهين جي اسرائيل جي چشمي جا آهيو، سي خداوند کي مبارڪ چئو.
پاڻي خود پنهنجي چشمي مان پيءُ ۽ وهندڙ پاڻيءَ جو خود تنهنجي کوهہ مان ٿو نڪري،
ڀلي تہ اُهي رڳو تنهنجي لاءِ هجن ۽ نہ انهن ڌارين لاءِ جي تو سان آهن.
ڀلي تہ تنهنجو چشمو برڪت وارو هجي، ۽ تون پنهنجي جوانيءَ جي زال سان خوش رهہ.
چورايل پاڻي مٺو ٿو ٿئي، ۽ جيڪا ماني لڪي ٿي کائجي سا چڱي ٿي لڳي.
منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، بند ٿيل باغ، يا بند ٿيل چشمو يا مهر ٿيل حوض آهي.
تون باغن جو چشمو، آبِ حيات جو کوهہ، ۽ لبنان مان وهي ايندڙ نهرون آهين.
جڏهن هو انهن کي رڻ پٽ مان وٺي ٿي ويو، تڏهن اهي اُڃيا ڪونہ ٿيا: هن انهن جي لاءِ ٽڪريءَ مان پاڻي وهايو: هن ٽڪريءَ کي چيريو ۽ پاڻي بُڙڪا ڏيئي نڪري آيو.
اسرائيل سلامتيءَ سان ٿو رهي، ۽ يعقوب جو چشمو اڪيلو، ان ۽ مئي جي ملڪ ۾ ٿو رهي؛ هائو، هن تي آسمان مان ماڪ ٿي پوي.
۽ انهيءَ کي ٽيهہ پٽ هئا؛ ۽ هن ٽيهہ ڌيئرون ڌارين ۾ پرڻايون، ۽ پنهنجن پٽن لاءِ ٽيهہ ڇوڪريون ڌارين مان آندائين. اُهو ست سال اسرائيل جو قاضي هو.