Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 5:12 - Sindhi Bible

12 ۽ تون چوين تہ ڪيئن مون تعليم کي ڌڪاريو آهي، ۽ منهنجي دل فهمائش کي خسيس ڄاتو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ”آہ! مون نصحيت کان نفرت ڪئي ۽ فهمائش کي حقير ڄاتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 5:12
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هنن چيس تہ پري ٿي بيهہ. پوءِ هو چوڻ لڳا تہ هي پرديسي، جو هتي گذران ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو هاڻي حڪومت ٿو هلائي؛ هاڻي اسين تو سان هنن کان بہ وڌيڪ خراب هلت ڪنداسين. پوءِ هو انهيءَ ماڻهوءَ، يعني لوط کي، ڌڪا ڏيڻ لڳا ۽ در ڀڃڻ تي هئا،


۽ هيئن ٿيو تہ هن سان ڳالهين ڪندي بادشاهہ هن کي چيو تہ اسان ڪو توکي بادشاهہ جو صلاحڪار مقرر ڪيو آهي ڇا؟ بس ڪر. ڇو ٿو مارجين؟ تڏهن انهيءَ نبيءَ بس ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ مون کي خبر آهي تہ خدا توکي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، جو تو هي ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح نہ ورتي اٿيئي.


پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.


ڇو جو توکي منهنجيءَ تعليم کان نفرت آهي، ۽ منهنجو ڪلام پنهنجي پٺيان اُڇلايو ڇڏين.


آءٌ بي عقل ۽ نادان هوس؛ تنهنجي اڳيان حيوان جهڙو هوس.


اي ڀورڙا، ڪيستائين اوهين ڀورڙائيءَ کي پيار ڪندا؟ ۽ ڪيستائين ٺٺولي ڪندڙن کي ٺٺولي ڪرڻ ۾ خوشي حاصل ٿيندي، ۽ بي عقل علم کي ڌڪاريندا؟


پر اوهان منهنجي سڀ صلاح مصلحت باطل ڪري ڇڏي، ۽ منهنجو عتاب ٻڌڻ نہ گهريو:


خداوند جو خوف علم جو منڍ آهي: پر بي عقل، ڏاهپ ۽ تعليم کي ڌڪارين ٿا.


جيڪو تعليم تي ڌيان ڏئي ٿو سو حياتيءَ جي رستي تي آهي: پر جيڪو ملامت کي ڇڏي ڏئي ٿو سو گمراهہ ٿئي ٿو.


جيڪو سڌاري کي پيار ڪري ٿو سو علم کي پيار ڪري ٿو: پر جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو حيوان آهي.


جيڪو سيکت قبول نٿو ڪري تنهن کي غريبي ۽ شرمندگي حاصل ٿيندي: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو سو عزت حاصل ڪندو.


بي عقل ماڻهو پنهنجي پيءُ جي سيکت کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو تنهن کي سياڻپ حاصل ٿي ٿئي.


۽ تون پنهنجي پڇاڙيءَ تي افسوس ڪرين، جڏهن تنهنجو ماس ۽ جسم فنا ٿي وڃن،


ڇالاءِ جو حڪم هڪڙو ڏيئو آهي؛ ۽ قاعدو نور آهي؛ ۽ تعليم جون فهمائشون حياتيءَ جو رستو آهن:


پر جيڪو منهنجي برخلاف گناهہ ڪري ٿو سو پنهنجي روح تي ظلم ٿو ڪري: جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا سي سڀ موت کي پيار ٿا ڪن.


انهيءَ هوندي بہ مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي، صبح جو سوير اُٿي موڪليا، ۽ چيم تہ اڙي اهو ڪراهت جهڙو ڪم جو آءٌ ڌڪاريان ٿو سو نہ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ