1 اي منهنجا پٽ، منهنجي ڏاهپ تي ڌيان ڏي؛ منهنجي سمجهہ ڏانهن ڪن ڪر:
1 اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڏاهپ وارين نصيحتن ڏانهن توجہ ڪريو ۽ ڌيان سان ٻڌو،
اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن تون منهنجون ڳالهيون قبول ڪندين، ۽ منهنجا حڪم پاڻ وٽ سانڍي رکندين؛
پنهنجو ڪن ڏي ۽ ڏاهن جا قول ٻڌ، ۽ منهنجي تعليم ڏانهن پنهنجي دل لڳاءِ.
اي منهنجا پٽ، پيءُ جي تعليم ٻڌو، ۽ سمجهہ حاصل ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيو:
اي منهنجا پٽ، جيڪي آءٌ چوان ٿو تنهن تي ڌيان ڏي؛ منهنجين ڳالهين ڏانهن ڪن ڪر.
اي منهنجا پٽ، پنهنجي پيءُ جي حڪمن جي سنڀال رک، ۽ پنهنجي ماءُ جو قاعدو ڇڏي نہ ڏي.
۽ مون ڀورڙن ماڻهن منجهہ ڏٺو ۽ جوانن منجهہ بہ ڏٺم، ۽ هڪڙو بي سمجهہ جوان سهي ڪيم،
۽ پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ ڀانئيو، تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم جي لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.
جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ڀلي ٻڌي.
اي منهنجا پيارا ڀائرو، هيءَ ڳالهہ اوهين ڄاڻو ٿا، تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي گهرجي تہ ٻُڌڻ ۾ تکو، ۽ ڳالهائڻ ۾ ڍرو، ۽ ڪاوڙجڻ ۾ ٿڌو ٿئي:
جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي ٻئي موت جو ايذاءُ نہ رسندو.
جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون لڪل من مان ڏيندس، ۽ هڪڙو اڇو پهڻ ڏيندوسانس، ۽ انهي پهڻ تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، ۽ جنهن کي اهو نالو ملندو تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ اهو نہ ڄاڻندو.
جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.
جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ زندگيءَ جي وڻ جو ڦل کائڻ لاءِ ڏيندس جو خدا جي فردوس ۾ آهي.