Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 4:5 - Sindhi Bible

5 ڏاهپ هٿ ڪر، سمجهہ هٿ ڪر؛ انهيءَ کي وسار نہ، نڪي منهنجي وات جي ڳالهين کان منهن موڙ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ڏاهپ ۽ سمجھہ حاصل ڪر. منهنجي نصيحتن کي پوريءَ طرح دل ۾ سانڍي رک ۽ ڪنهن بہ هڪ کي نظرانداز نہ ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 4:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي رستن تي هليو، ۽ نہ سڄي پاسي لڙيو نہ کٻي پاسي.


منهنجو پير هن جي قدمن ۾ قابو رهيو آهي؛ هن جو رستو آءٌ سنڀاليو ويٺو اچان ۽ ڪنهن پاسي مڙي نہ ويو آهيان.


مون کي ستائڻ وارا ۽ منهنجا دشمن گهڻيئي آهن، تڏهن بہ آءٌ تنهنجين شاهدين کان ڪين هٽيو آهيان.


مغرورن مون سان ڏاڍيون ٺٺوليون ڪيون آهن: پر آءٌ تنهنجيءَ شريعت کان ڪين ڦريو آهيان.


اسان جي دل تو کان ڦري ڪانہ ويئي آهي، نڪي اسان جا پير تنهنجيءَ واٽ کان هٽيا آهن.


ڏاهپ هٿ ڪرڻ سون کان ڪيترو نہ گهڻو بهتر آهي! هائو، سمجهہ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان زيادہ پسند ڪرڻ جي لائق آهي.


ڪهڙي سبب ڏاهپ کي خريد ڪرڻ لاءِ بيوقوف جي هٿ ۾ قيمت موجود آهي، جڏهن هن کي ڪا سمجهہ ڪانهي؟


جيڪو پاڻ کي سڀني کان ڌار ٿو ڪري سو پنهنجي مراد ڳولي ٿو، ۽ سالم ڏاهپ سان بگڙيل رهي ٿو.


جنهن کي ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي سو پنهنجي روح کي پيار ڪري ٿو: جيڪو سمجهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو چڱائي لهندو.


سچ کي خريد ڪر ۽ انهيءَ کي وڪڻي نہ ڇڏ؛ هائو، ڏاهپ کي ۽ تعليم کي ۽ سمجهہ کي.


اي منهنجا پٽ، منهنجي تعليم متان وسارين؛ پر تنهنجي دل ڀلي تہ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري:


ڏاهپ مکيہ شيءِ آهي، تنهن ڪري ڏاهپ هٿ ڪر: جيڪي بہ ٻيو تو وٽ هجي تنهن هوندي بہ سمجهہ هٿ ڪر.


اڙي ڀورڙا، اوهين هوشياري پروڙيو؛ ۽ اڙي بيوقوف، اوهين سمجهو دل وارا ٿيو.


پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ