Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 4:4 - Sindhi Bible

4 ۽ منهنجي پيءُ مون کي تعليم ڏني ۽ مون کي چيائين تہ، جيڪي آءٌ چوان ٿو سو پنهنجي دل تي ڄمائي ڇڏ: منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪر ۽ جيئندو رهہ:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن منهنجو پيءُ مون کي نصيحت ڪندي چوندو هو تہ ”جيڪڏهن تون منهنجي ڳالهين کي پوريءَ طرح پنهنجي ذهن ۾ رکندين ۽ انهن تي عمل ڪندو رهندين تہ پوءِ تون خوشحاليءَ واري زندگي گذاريندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 4:4
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


۽ تون، اي منهنجا پٽ سليمان، پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ، ۽ پوريءَ دل ۽ روح جي خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر: ڇالاءِ جو خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو، ۽ هرڪو خيال جو اُٿي ٿو سو ڄاڻي ٿو: ۽ جي تون هن کي ڳوليندين تہ هو توکي ملندو: پر جي تون هن کي ڇڏي ڏيندين، تہ هو توکي هميشہ لاءِ رد ڪندو.


مون تنهنجو ڪلام پنهنجيءَ دل ۾ رکيو آهي، تہ آءٌ تنهنجي برخلاف گناهہ نہ ڪريان.


تنهنجون شاهديون هميشہ جي لاءِ راست آهن: مون کي سمجهہ ڏي تہ آءٌ جيئرو رهان.


مون تنهنجن قاعدن ۽ تنهنجين شاهدين تي عمل ڪيو آهي؛ ڇو جو منهنجون سڀ واٽون تنهنجي سامهون آهن.


ٻار کي اهو رستو سيکار جنهن تي هن کي هلڻ کپي، ۽ جڏهن هو ٻڍو ٿيندو تڏهن بہ اهو نہ ڇڏيندو.


اي منهنجا پٽ، مون کي پنهنجي دل ڏي، ۽ پنهنجين اکين کي منهنجن رستن جي ڪري خوش ٿيڻ ڏي.


اي منهنجا پٽ، منهنجي تعليم متان وسارين؛ پر تنهنجي دل ڀلي تہ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري:


ڇا لاءِ جو اُهي، ڏينهن جي ڊگهائي، ۽ عمر جا ورهيہ، ۽ سلامتي تو ۾ وڌائيندا.


منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪر ۽ جيئندو رهہ؛ ۽ منهنجي قاعدي کي پنهنجي اک جي ماڻڪيءَ وانگر سنڀال.


اوهين پنهنجو ڪن ڏيو ۽ مون ڏانهن اچو؛ ٻڌو تہ اوهان جو روح جيئرو رهي: ۽ آءٌ اوهان سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس، يعني دائود واريون سچيون رحمتون نازل ڪندس.


پر يرمياہ چيو تہ هو توکي انهن جي حوالي نہ ڪندا، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون خداوند جو اهو حڪم مڃ جو آءٌ توکي ٻڌايان ٿو: جو انهي مان تنهنجو ڀلو ٿيندو، ۽ تنهنجي جان بچندي.


۽ آئون ڄاڻان ٿو تہ سندس حڪم هميشہ جي زندگي آهي: تنهنڪري جيڪي ڳالهيون آئون چوان ٿو، سي اصل جيئن منهنجي پيءُ مون کي چيون آهن، تيئن ئي ٿو چوان.


اي پيئرو، اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين خداوند جي تعليم ۽ تربيت ڏيئي سندن پرورش ڪريو.


رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛


۽ هي ڳالهيون، جن جو آءٌ اڄ توکي حڪم ٿو ڏيان، سي تنهنجيءَ دل ۾ قائم رهن:


جيڪو بي ريا ايمان تو ۾ آهي، سو مون کي ياد آهي، ۽ اُهو پهريائين تنهنجي ناني لوئس ۽ تنهنجي ماءُ يونيڪيءَ ۾ هو؛ ۽ مون کي يقين آهي تہ تو ۾ بہ آهي.


۽ تون ننڍپڻ کان انهن پاڪ لکيتن کان واقف آهين، جي توکي مسيح يسوع تي ايمان آڻڻ سان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگهن.


۽ ڪامل بڻجي پنهنجن سڀني فرمانبردارن لاءِ ابدي نجات جو باني ٿيو؛


تڏهن منوحہ چيو تہ هاڻي جيئن تون چوين ٿو تيئن ڀلي ٿئي: اُهو ٻار ڪهڙي قسم جو ٿيندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ