26 پنهنجن پيرن جي واٽ سنئين رک، پوءِ تنهنجا سڀ رستا قائم ٿي ويندا.
26 جيڪي ڪجھہ ڪريو سو سوچي ويچاري ڪجو، تڏهن اوهان جا پير صحيح طرف ڏانهن هلندا رهندا.
شل منهنجي چال اهڙي قائم ٿئي جو آءٌ تنهنجي قانونن تي عمل ڪريان!
مون پنهنجين واٽن تي غور ڪيو، ۽ پنهنجا پير تنهنجين شاهدين ڏانهن ورايم.
جڏهن ماڻهوءَ جي واٽ خداوند کي وڻي ٿي: تڏهن هو انهي جي چال کي قائم ٿو ڪري.
هن مون کي خوفناڪ کڏ ۽ ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍيو؛ ۽ منهنجا پير ٽڪر تي رکيا، ۽ منهنجيءَ چال کي قائم ڪيائين.
جنهن ۾ ڏاهپ ڪانهي تنهن جي لاءِ بي عقلي خوشي آهي: پر سمجهہ وارو ماڻهو پنهنجي رفتار سنئين ٿو ڪري.
شرير ماڻهو پنهنجو منهن سخت ڪري ٿو: پر سچو پنهنجي راهہ تي ويچار ڪري ٿو.
اي منهنجا پٽ، ٻڌ ۽ ڏاهو ٿيءُ، ۽ پنهنجيءَ دل کي سنئين رستي تي آڻ.
ڇڏ تہ تنهنجون اکيون سڌو اڳتي نهارين، ۽ تنهنجا ڇپر تنهنجي اڳيان سنئين نظر ڪن.
ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جا رستا خداوند جي اکين اڳيان آهن، ۽ هو انهيءَ جون سڀ واٽون سڌيون ٿو ڪري.
جنهن ڪري هوءَ حياتيءَ جو سنئون رستو نٿي لهي: هن جون واٽون پڪيون نہ آهن، ۽ انهيءَ جي هن کي خبر ڪانہ ٿي پوي.
ڇالاءِ جو هو ويچاري ٿو، ۽ جيڪي گناهہ ڪيا اٿس، تن سڀني کان توبهہ ڪري ٿو، تنهنڪري يقيناً هو جيئرو رهندو ۽ مرندو ڪين.
تنهنڪري هاڻي لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجين راهن تي ويچار ڪريو.
لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پنهنجين راهن تي ويچار ڪريو.
تنهنڪري خبردار ٿيو تہ ڪيئن ٿا هلو، نہ نادانن وانگر پر دانائن وانگر هلو.
تنهنڪري اوهين بيوَقوف نہ ٿيو، پر خداوند جي مرضي سمجهو تہ ڪهڙي آهي.
انهي لاءِ تہ اُهو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن اسان جو خداوند يسوع پنهنجن سڀني پاڪ ٿيلن سان اچي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي اڳيان اوهين پاڪيزگيءَ ۾ بي عيب هجو.
پر خداوند سچو آهي ۽ هو اوهان کي قائم ڪندو، ۽ انهي شرير کان اوهان کي رکي وٺندو.
۽ پنهنجي پيرن جي لاءِ رستا سنوان ڪريو، تہ جيڪو منڊو آهي سو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇُٽي چڱو ڀلو ٿئي.
خدا، جو ساري فضل جو چشمو آهي، جنهن اوهان کي مسيح ۾ پنهنجي ابدي جلال جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سهڻ کانپوءِ اوهان کي ڪامل، ۽ قائم، ۽ مضبوط ڪندو.