24 بيهودو وات پاڻ کان پري ڪر، ۽ ڏنگا چپ پاڻ کان پري اُڇلاءِ.
24 ڪوڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ وات مان نہ ڪڍجو، نڪي ٺڳيءَ واريون ڳالهيون پنهنجي چپن تي آڻجو.
جيڪڏهن گناهہ تنهنجي هٿ ۾ هجي تہ اُهو اُڇلائي ڇڏ، ۽ شرارت کي پنهنجي تنبن ۾ رهڻ نہ ڏي.
بڇڙائيءَ کان پاسو ڪر، ۽ ڀلائي ڪر، صلح جو طالب ٿيءُ، ۽ انهي جي پٺيان لڳو رهہ.
سچن جا چپ ڄاڻن ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ قبول پوڻ جهڙي آهي: پر شريرن جي وات مان بيهودي بڪ نڪري ٿي.
جنهن جي دل بيهودي آهي تنهن کي ڪابہ چڱائي حاصل نہ ٿي ٿئي: ۽ جنهن جي زبان ڏنگي آهي سو نقصان ۾ ٿو پوي.
اُهو غريب ماڻهو جو پنهنجي سچائيءَ ۾ هلي ٿو سو بهتر آهي، انهيءَ ماڻهو کان جو پنهنجن چپن ۾ ڏنگو آهي ۽ بي عقل آهي.
ڇڏ تہ تنهنجون اکيون سڌو اڳتي نهارين، ۽ تنهنجا ڇپر تنهنجي اڳيان سنئين نظر ڪن.
نڪمو آدمي، بدڪار ماڻهو؛ هو بيهودي وات سان هلي ٿو؛
خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.
منهنجي وات جون سڀ ڳالهيون سچائيءَ واريون آهن؛ ۽ انهن ۾ ڪوبہ ڏنگ يا ڏانوَ ڪونهي.
جيڪي گناهہ جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن، تن سڀني کي پاڻ کان پري ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ نئين دل ۽ نئون روح پيدا ڪريو: اي اسرائيل جا گهراڻا ڇو اوهين مرڻ ٿا گهرو؟
پر هاڻي اوهين بہ اهي سڀ ڇڏي ڏيو؛ يعني غصو، ڪاوڙ، بدخواهي، گلا ۽ گاريون ڏيڻ:
۽ انهن ماڻهن ۾ ردوبدل ٿي ٿئي، جن جا خيال خراب آهن ۽ جي سچ کان خالي آهن ۽ ڀانئين ٿا تہ دينداري نفعي جو هڪڙو ذريعو آهي.
تنهنڪري بڇڙائيءَ جي سڀ گندگي ۽ زيادتي ڇڏي، اُهو پوکيل ڪلام تحمل سان قبول ڪريو، جو اوهانجن روحن کي بچائي ٿو سگهي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار سمجهي ٿو ۽ پنهنجي زبان کي لغام نٿو ڏئي، بلڪ پنهنجي دل کي ٺڳي ٿو، تنهن جي دينداري اجائي آهي.
تنهنڪري اوهين سڀ بدڪاري، سڀ ٺڳي ۽ رياڪاري، حسد ۽ سڀ بدگويون ڇڏي ڏيو.