Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 4:22 - Sindhi Bible

22 ڇالاءِ جو جن کي اهي لڀن ٿيون تن جي لاءِ اُهي حياتي آهن، ۽ انهن جي سڄي جسم لاءِ تندرستي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 انهيءَ سبب جو جيڪي انهن جي جستجو ڪن ٿا، تن کي انهن مان سٺي صحت ۽ ڀرپور زندگي ٿي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 4:22
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪو اهڙو بہ آهي جو اُٻهرو ڳالهائي ترار وانگر گهائل ٿو ڪري: پر ڏاهي جي زبان صحت بخش آهي.


وڻندڙ ڳالهيون ماکيءَ جي ماناري جهڙيون آهن، روح جي لاءِ مٺيون آهن ۽ هڏن جي لاءِ تندرستي آهن.


جو اُهي تنهنجي روح جي حياتي ٿيندا، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جو سينگار ٿيندا.


اها تنهنجي دُن لاءِ تندرستي، ۽ تنهنجن هڏن لاءِ مک آهي.


اي منهنجا پٽ ٻڌ، ۽ منهنجون چوڻيون قبول ڪر؛ تہ تنهنجي عمر جا ورهيہ گهڻا ٿين.


۽ منهنجي پيءُ مون کي تعليم ڏني ۽ مون کي چيائين تہ، جيڪي آءٌ چوان ٿو سو پنهنجي دل تي ڄمائي ڇڏ: منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪر ۽ جيئندو رهہ:


ڇالاءِ جو جيڪو مون کي لهي ٿو سو حياتي لهي ٿو، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ڪندو.


ڏس، آءٌ انهي جي لاءِ شفا ۽ علاج آڻيندس، ۽ انهن کي تندرستي بخشيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي گهڻي سلامتي ۽ سچائي ظاهر ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ