۽ تون، اي منهنجا پٽ سليمان، پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ، ۽ پوريءَ دل ۽ روح جي خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر: ڇالاءِ جو خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو، ۽ هرڪو خيال جو اُٿي ٿو سو ڄاڻي ٿو: ۽ جي تون هن کي ڳوليندين تہ هو توکي ملندو: پر جي تون هن کي ڇڏي ڏيندين، تہ هو توکي هميشہ لاءِ رد ڪندو.
۽ اسان پنهنجي پيءُ يوناداب بن ريڪاب جو حڪم مڃيو، ۽ جن ڳالهين جي اسان کي تاڪيد ڪئي هئائين سي مڃيونسين، يعني تہ اسين ۽ اسان جون زالون ۽ اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون سڄي عمر شراب نہ پيئون؛