Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 4:19 - Sindhi Bible

19 شريرن جو رستو اونداهيءَ جهڙو آهي؛ هنن کي خبر نٿي پوي تہ ڇا تي ٿا آٿڙجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 4:19
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو روشنائيءَ کان سواءِ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻن ٿا، ۽ هو انهن کي نشئيءَ ماڻهوءَ وانگر آٿڙائي ٿو.


هن کي روشنيءَ مان هڪالي اونداهيءَ ۾ آندو ويندو، ۽ هو دنيا مان هڪاليو ويندو.


هنن کي ڏينهن جي وقت اونداهي اچي گڏجي ٿي، ۽ ٻن پهرن جو هو ائين هٿوراڙيون ٿا هڻن، جيئن رات جو هڻبيون آهن.


هو نہ ڪجهہ ڄاڻن ٿا ۽ نہ سمجهن ٿا؛ ۽ اونداهيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيا گهمن: زمين جون سڀ پيڙهيون پيون ڌڏن.


جي سچائيءَ جا رستا ڇڏين ٿا، تہ اونداهيءَ جي رستن تي هلن؛


بيهودي ماڻهوءَ جي رستي ۾ ڪنڊا ۽ ڦندا آهن: جيڪو پنهنجي ساهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو ان کان پري رهندو.


خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي.


جنهن ڪري هنن جو رستو سندن لاءِ اهڙو ٿيندو جهڙيون اونداهيءَ ۾ ترڪڻيون جايون، هو اڳتي هڪاليا ويندا ۽ انهي ۾ ڪري پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن تي خرابي آڻيندس، يعني انهن جي سزا جو سال.


هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.


تڏهن آئون کين صاف چوندس تہ مون اوهان کي ڪڏهن بہ نہ سڃاتو: اي بدڪارو، مون وٽان ٽري وڃو.


پر جيڪڏهن ڪو اوندهہ ۾ هلندو تہ ٿاٻڙبو، ڇالاءِ جو منجهس سوجهرو ڪونهي.


تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان.


پر جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو اوندهہ ۾ آهي، ۽ اوندهہ ۾ پيو هلي، ۽ خبر نٿي پويس تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، ڇوتہ اوندهہ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي.


هو پنهنجي ٻانهن جا پير سنڀاليندو، پر شرير کي هو اونداهيءَ ۾ ماٺ ڪرائيندو؛ ڇالاءِ جو پنهنجي زور جي ڪري ڪوبہ انسان غالب نہ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ