17 ڇالاءِ جو هو شرارت جي ماني ٿا کائين؛ ۽ ظلم جو شراب ٿا پيئن.
17 بيشڪ بدڪاري هنن جي خوراڪ مثل آهي ۽ ظلم سندن مئي مثل آهي.
سڀني بدڪارن کي ڪوبہ علم ڪونهي ڇا؟ اهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائين، جيئن ماني کائبي آهي ۽ خداوند کي نٿا سڏين.
ماڻهو پنهنجي وات جي ڦل جي ڪري چڱائي کائيندو: پر دغابازن جي روح لاءِ ظلم زبردستي آهي.
دغا جي ماني ماڻهوءَ کي مٺي ٿي لڳي؛ پر پوءِ هن جو وات ڪڪريءَ سان ڀرجي ٿو.
چورايل پاڻي مٺو ٿو ٿئي، ۽ جيڪا ماني لڪي ٿي کائجي سا چڱي ٿي لڳي.
افسوس انهن تي جي برائيءَ کي مغروريءَ جي نوڙين سان ڇڪن ٿا، ۽ گناهہ کي ڄڻ تہ گاڏيءَ جي رسي سان تاڻين ٿا:
افسوس انهن تي جي بڇڙائيءَ کي چڱائيءَ ۽ چڱائي کي بڇڙائي ٿا سڏين؛ جي روشنائيءَ جي بدران اونداهي ۽ اونداهيءَ جي بدران روشنائي ٿا ڪن؛ جي مٺي جي بدران ڪَڙو، ۽ ڪَڙي جي بدران مٺو ٿا رکن!
اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کان خبردار رهي، ۽ پنهنجي ڪنهن بہ ڀاءُ تي اوهين ڀروسو نہ رکو: ڇالاءِ جو سڀڪو ڀاءُ ضرور دغا ڪندو، ۽ سڀڪو پاڙيسري گلا غيبت ڪندو.
جيڪي نبي منهنجي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن، تن جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لقمو چٻاڙيندي هو سلام ٿا پڪارين، پر جي ڪو سندن وات نٿو ڀري تہ انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿا ٿين:
اُن جا دولتمند ماڻهو ظلم سان ڀريل آهن، ان جي رهاڪن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ انهن جي زبان سندن وات ۾ دغاباز آهي.
هنن جا هٿ خراب ڪم ڪرڻ لاءِ چالاڪ آهن؛ حاڪم گهري ٿو وٺي ۽ قاضي رشوت وٺڻ لاءِ تيار آهي: ۽ جيڪو وڏو ماڻهو آهي سو پنهنجي روح جي خرابي ظاهر ٿو ڪري: ۽ انهي طرح هو بڇڙائيءَ لاءِ ٻڌي ٿا ڪن.
سندس امير انهن جي وچ ۾ گجندڙ شينهن آهن؛ ان جا قاضي رات جي بگهڙ وانگر آهن: اُهي صبح تائين ڪي بہ ڪين ٿا ڇڏين.
پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.