Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 4:16 - Sindhi Bible

16 ڇالاءِ جو حرڪت ڪرڻ کان سواءِ هو سمهن نٿا؛ ۽ جيستائين هو ڪنهن کي نٿا ڪيرائين تيستائين هنن کي ننڊ نٿي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اهي ماڻهو جيستائين بدڪاري نہ ڪن، تيستائين کين آرام ڪونہ ٿو اچي. هائو، جيستائين اهي ماڻهو ڪنهن بي‌گناهہ کي نقصان نہ پهچائين تيستائين کين ننڊ ئي ڪين ٿي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 4:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي جي وات ۾ برائي ۽ دغا جون ڳالهيون آهن: ۽ هن سياڻپ ۽ نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.


هو پنهنجي هنڌ تي ليٽي بڇڙائيءَ جون رِٿون ٿو رٿي: ۽ خراب رستي تي وڃي ٿو بيهي: ۽ برائيءَ کان نفرت نٿو ڪري.


ڇالاءِ جو هنن جا پير برائيءَ ڏانهن ٿا ڊوڙن، ۽ هو رت هارڻ لاءِ تڪڙ ٿا ڪن.


جي برائي ڪرڻ ڪري خوش ٿين ٿا، ۽ بري ماڻهوءَ جي اڳرائيءَ ڪري خوشي ڪن ٿا:


انهيءَ کان گوشو ڪر، انهيءَ وٽان لنگهہ ئي نہ؛ انهيءَ کان ڦري اڳتي لنگهي وڃ.


پر شرير ماڻهو طوفاني سمنڊ وانگي آهي؛ جنهن کي آرام ڪونهي، ۽ ان جو پاڻي گپ ۽ گند ٿو اُڇلائي.


اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کان خبردار رهي، ۽ پنهنجي ڪنهن بہ ڀاءُ تي اوهين ڀروسو نہ رکو: ڇالاءِ جو سڀڪو ڀاءُ ضرور دغا ڪندو، ۽ سڀڪو پاڙيسري گلا غيبت ڪندو.


ويل آهي انهن سان، جي بڇڙائي جون رٿون ٿا رٿين، ۽ پنهنجي هنڌن تي خراب ڪم ٿا ڪن! ۽ جڏهن صبح جي روشنائي ٿي ٿئي، تڏهن اُهي پورا ٿا ڪن، ڇالاءِ جو اهو هنن جي هٿ وسيڪو آهي.


هنن جا هٿ خراب ڪم ڪرڻ لاءِ چالاڪ آهن؛ حاڪم گهري ٿو وٺي ۽ قاضي رشوت وٺڻ لاءِ تيار آهي: ۽ جيڪو وڏو ماڻهو آهي سو پنهنجي روح جي خرابي ظاهر ٿو ڪري: ۽ انهي طرح هو بڇڙائيءَ لاءِ ٻڌي ٿا ڪن.


۽ اڃا ڏينهن ٿيو ئي ڪين، تہ اُمت جا بزرگ، يعني سردار ڪاهن ۽ فقيهہ اچي گڏ ٿيا ۽ هن کي پنهنجي صدر مجلس ۾ وٺي ويا، ۽ چيائونس تہ


پوءِ قائفا وٽان يسوع کي محلات ۾ وٺي ويا: ۽ اڃا وڏو صبح هو ۽ هو پاڻ محلات ۾ نہ گهڙيا، انهي لاءِ تہ متان ڇپي نہ پون، پر فسح کائڻ جهڙا ٿين.


پر لوسياس سردار اچي زوريءَ اسان جي هٿان هن جي ٻانهن کسي ويو.


انهن جي اکين مان زنا پيو بَکي، ۽ گناهہ ڪرڻ کان بس نٿا ڪن؛ ۽ جيڪي غير مستقل مزاج آهن، تن کي ڦاسايو وٺن؛ انهن جي دل لالچ ۾ ڏاڍي چالاڪ آهي؛ ۽ اُهي لعنت جا ٻار آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ