14 شريرن جي رستي ۾ نہ گِهڙ، ۽ خراب ماڻهن جي واٽ تي نہ هل.
14 اوهين ظالم ۽ بدڪار ماڻهن جي بڇڙين واٽن تي نہ هلو.
مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جو بڇڙن جي صلاح تي نٿو هلي، ۽ گنهگارن جي رستي تي نٿو بيهي، ۽ گلا خورن جي محفل ۾ نٿو ويهي.
اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن گنهگار توکي ڌتارين، تہ تون هنن جي ڳالهہ متان مڃين.
اي منهنجا پٽ، تون انهن سان گڏ رستي تي نہ هل؛ هنن جي واٽ کان پنهنجو پير پري ڪر؛
ڏاهن سان گهم ڦر تہ تون بہ ڏاهو ٿين: پر بي عقلن جو سنگتي انهيءَ لاءِ هلاک ٿيندو.
تہ متان تون هنن جون عادتون سکين، ۽ پنهنجي جان جي لاءِ هڪڙو ڦانڌو پيدا ڪرين.
خراب ماڻهن تي ريس نہ ڪر؛ نڪي هنن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪر:
انهيءَ کان گوشو ڪر، انهيءَ وٽان لنگهہ ئي نہ؛ انهيءَ کان ڦري اڳتي لنگهي وڃ.
انهيءَ زال کان پنهنجو رستو پري ڪريو، ۽ ان جي گهر جي در کي ويجها نہ وڃو؛
جو گهٽيءَ مان هن جي ڪنڊ جي ڀرسان لنگهيو ٿي ويو، ۽ هو اُهو رستو ڏيئي انهيءَ جي گهر ۾ ويو؛
بي عقلي ڇڏي ڏيو ۽ جيئندا رهو؛ ۽ سمجهہ جي رستي تي هلو.
ٺڳجي نہ وڃو، بڇڙي سنگت چڱيون عادتون بگيڙيون ڇڏي.