Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 4:13 - Sindhi Bible

13 تعليم کي قابو ڪري جهل؛ ۽ وڃڻ نہ ڏينس؛ سنڀاليو اچينس؛ ڇالاءِ جو اها تنهنجي حياتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 منهنجي ڏنل سکيا تي سدائين ثابت قدم رهو ۽ انهيءَ کان هيڏي هوڏي نہ ڦرو. انهيءَ کي محفوظ رکو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي زندگيءَ جو بنياد آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 4:13
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن چيو تہ هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ٿي ڦٽي. تنهن تي هن چيو تہ آءٌ تيسين توکي وڃڻ ڪين ڏيندس، جيسين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.


جيڪو تعليم تي ڌيان ڏئي ٿو سو حياتيءَ جي رستي تي آهي: پر جيڪو ملامت کي ڇڏي ڏئي ٿو سو گمراهہ ٿئي ٿو.


سچ کي خريد ڪر ۽ انهيءَ کي وڪڻي نہ ڇڏ؛ هائو، ڏاهپ کي ۽ تعليم کي ۽ سمجهہ کي.


جيڪي ان کي هٿ وجهي جهلين ٿا تن جي لاءِ اُها حياتيءَ جو وڻ آهي: ۽ جيڪو اُن کي وٺي جهلي ٿو سو سڀاڳو آهي.


جو اُهي تنهنجي روح جي حياتي ٿيندا، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جو سينگار ٿيندا.


ڇالاءِ جو حڪم هڪڙو ڏيئو آهي؛ ۽ قاعدو نور آهي؛ ۽ تعليم جون فهمائشون حياتيءَ جو رستو آهن:


ڇالاءِ جو جيڪو مون کي لهي ٿو سو حياتي لهي ٿو، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ڪندو.


ڇالاءِ جو ڏاهپ هڪڙو بچاءُ آهي، جيئن ناڻو هڪڙو بچاءُ آهي: پر علم جي فضيلت اها آهي، تہ ڏاهپ انهي جي حياتي بچائي ٿي، جنهن وٽ اُها آهي.


اڃا آءٌ ٿورو هنن وٽان اڳتي هليس، تہ مون هن کي لڌو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي: مون جهليومانس، ۽ وڃڻ ڪين ڏنومانس، جيستائين مون هن کي پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ اُنهيءَ جي ڪوٺڙيءَ ۾ جنهن مون کي ڄڻيو هو.


جيارڻ وارو تہ روح آهي، جسم مان ڪو فائدو ڪونهي: هي ڳالهيون جيڪي مون اوهان کي چيون آهن، سي روح ۽ زندگي آهن.


شمعون پطرس جواب ڏنس، تہ اي خداوند، اسين ڪنهن وٽ وڃون؟ هميشہ جي زندگيءَ جون ڳالهيون تہ تو وٽ آهن.


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


۽ اهي رسولن جي تعليم ۽ شراڪت ۾، ۽ ماني ڀڃڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.


ڇالاءِ جو اها اوهان جي لاءِ ڪا اجائي شيءِ نہ آهي؛ پر اها اوهان جي زندگي آهي، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهيءَ جي ڪري اوهان جي عمر وڏي ٿيندي.


سڀني ڳالهين کي آزمايو؛ جيڪا چڱي هجي، تنهن تي قائم رهو؛


تنهنڪري جيڪي ڳالهيون ٻُڌيون اٿئون، تن تي اسان کي زيادہ ڌيان ڏيڻ گهرجي، تہ متان انهن کان پري ڇڪجي وڃون.


۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.


مون کي خبر آهي تہ تون ڪٿي ٿو رهين، يعني اُتي جتي شيطان جو تخت آهي: ۽ تون منهنجي نالي تي قائم آهين، ۽ جن ڏينهن ۾ منهنجو ايماندار شاهد انتيپاس اوهان منجهہ قتل ڪيو ويو، جتي شيطان ٿو رهي، تن ڏينهن ۾ بہ اوهان منهنجي ايمان جو انڪار نہ ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ