Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 30:9 - Sindhi Bible

9 تہ متان آءٌ ڍائجي پوان ۽ توکان منڪر ٿيان، ۽ چوان تہ خداوند ڪير آهي؟ يا متان آءٌ غريب ٿي پوان ۽ چوري ڪريان، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي ادبي ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ سبب جو جيڪڏهن مون وٽ کائڻ لاءِ جھجھو هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ تو کان مُنڪر ٿيان ۽ چوان تہ ’خداوند ڪير آهي؟‘ يا جيڪڏهن مون وٽ کاڌي لاءِ ڪجھہ بہ نہ هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ چوري ڪريان، ۽ تنهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ڪريان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 30:9
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو جو بدڪاريءَ جو عصو راستبازن جي ميراث تي رهي ڪين سگهندو؛ متان راستباز پنهنجا هٿ بڇڙائيءَ ڏانهن وڌائين.


تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.


تڏهن فرعون چيو تہ خداوند ڪير آهي، جنهن جو حڪم مڃي آءٌ اسرائيل کي ڇڏي ڏيان؟ آءٌ خداوند کي نٿو سڃاڻان، نڪي اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.


جيڪو چور جو ڀائيوار آهي سو خود پنهنجي جان کي ڌڪاري ٿو: هو قسم ٻڌي ٿو پر سچو بيان نٿو ڪري.


جو اسان قصور ڪيو آهي، ۽ خداوند جا منڪر ٿيا آهيون، ۽ پنهنجي خدا جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون، ۽ ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون، ۽ ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ ٿا رٿيون ۽ زبان سان ظاهر ٿا ڪريون.


اي هن پيڙهيءَ جا ماڻهو، اوهين خداوند جو ڪلام ڏسو. آءٌ اسرائيل جي لاءِ ڪو بيابان ٿيو آهيان ڇا؟ يا گهاٽي اونداهيءَ واري زمين آهيان ڇا؟ منهنجي قوم ڇو ٿي چوي تہ اسين ڇوڙي ڇڏيا ويا آهيون، اسين اڳتي وري تو وٽ نہ اينداسين؟


هنن خداوند کان منڪر ٿي چيو آهي تہ هي اُهو ناهي؛ نڪي خرابي اسان جي مٿان ايندي، نڪي اسين ترار يا ڏڪار ڏسنداسين:


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو تو مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تون پنهنجي شهوت پرستي ۽ پنهنجون زناڪاريون بہ پاڻ کڻ.


اها فتويٰ نگهبانن جي حڪم موجب آهي، ۽ اها ڳالهہ قدوسن جي چوڻ موجب آهي: انهي لاءِ تہ جيڪي جيئرا آهن سي ڄاڻن تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس اُنهي کي اُها ڏئي ٿو، ۽ انهي تي تمام گهٽ درجي واري ماڻهوءَ کي مقرر ڪري ٿو.


تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟


هو پنهنجي چراگاهہ ۾ ڍاپجي ويا ۽ پيٽ ڀرجڻ ڪري هنن جي دل مغرور ٿي ويئي: ۽ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو شاهدي ڀرڻ وقت، جڏهن کيس قسم ڏنو وڃي، تڏهن جيڪي ٻڌو يا ڏٺو هجيس، سو نہ ٻڌائي، تہ هو گناهہ ٿو ڪري ۽ انهي جو ڏوهہ مٿس پوندو.


۽ وري بہ هن قسم کڻي انڪار ڪري چيو تہ آئون هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪين.


تڏهن هو لعنت وجهڻ ۽ قسم کڻي چوڻ لڳو تہ آئون هن ماڻهو کي سڃاڻان ئي ڪين. ۽ اُنهي دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.


ڇالاءِ تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ ۽ جڏهن هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا؛ تڏهن هو ٻين معبودن ڏانهن ڦرندا، ۽ انهن جي عبادت ڪندا، ۽ منهنجي حقارت ڪندا، ۽ منهنجو عهد ڀڃندا.


پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.


پوءِ يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، هي پٿر اسان تي هڪڙو شاهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون خداوند اسان سان ڪيون آهن، سي هن ٻڌيون آهن: تنهنڪري هو اوهان تي شاهد ٿيندو، تہ متان اوهين پنهنجي خدا جا انڪاري ٿي وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ