Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 30:8 - Sindhi Bible

8 بيهودگي ۽ ڪوڙ مون کان پاسي ڪر، نہ مون کي ڪنگالپڻ ڏي نہ دولت، مون کي اهو کاڌو کاراءِ جو منهنجي لاءِ ضروري آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هڪڙو تہ ڪوڙ ۽ فريب کي مون کان پاسي ڪر. ٻيو تہ مون کي نہ گھڻو غريب بڻاءِ ۽ نہ گھڻو دولتمند، بس مون کي منهنجي ضرورت آهر کاڌو عطا فرماءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 30:8
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي يعقوب هڪڙي مڃت مڃي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن خدا مون ساڻ هوندو، ۽ جا واٽ آءٌ وڃان ٿو، تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندو، ۽ مون کي کائڻ لاءِ ماني ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙو ڏيندو رهندو،


۽ هن جي ساري ڄمار ۾ جيڪو بادشاهہ جي طرفان هميشہ جو ڀتو مقرر هوس، تنهن جو حصو هر روز حساب موجب ملندو رهيس.


آءٌ هن جي چپن جي حڪمن کان ڦري نہ ويو آهيان: مون هن جي ڪلام کي پنهنجي ضروري کاڌي کان بہ وڌيڪ سانڍي رکيو آهي.


ڪوڙ جي واٽ کان مون کي پري رک: ۽ ٻاجهہ ڪري مون کي پنهنجي شريعت ڏي.


منهنجين اکين کي اجاين شين تان ڦيراءِ؛ ۽ مون کي پنهنجيءَ واٽ ۾ جيار.


جڏهن بني اسرائيل اها ڏٺي، تڏهن هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ هي ڇا آهي؟ ڇالاءِ جو انهن کي خبر ڪا نہ هئي تہ هي ڇا آهي. تڏهن موسيٰ کين چيو تہ اها ماني آهي، جا خداوند اوهان کي کائڻ جي لاءِ ڏني آهي.


۽ جڏهن هنن اها عومر سان مئي ڏٺي، تڏهن جنهن گهڻي گڏ ڪئي هئي، تنهن وٽ وڌيڪ ڪي بہ ڪين بچيو، ۽ جنهن ٿوري گڏ ڪئي هئي تنهن وٽ گهٽ ڪانہ ٿي؛ انهن مان هر ڪنهن پنهنجي کائڻ جيتري گڏ ڪئي هئي.


ڏسو، خداوند اوهان کي سبت ڏنو آهي، تنهنڪري هو ڇهين ڏينهن اوهان کي ٻن ڏينهن جي ماني ٿو ڏئي، اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر ۾ رهي؛ ستين ڏينهن ڪوبہ ماڻهو پنهنجي گهر کان ٻاهر نہ نڪري.


۽ بني اسرائيل چاليهن ورهين تائين برابر من پئي کاڌي، جيسين ڪ هو ڪنهن آباد ملڪ ۾ آيا؛ يعني جيسين هو ڪنعان ملڪ جي حد ۾ آيا، تيسين من پئي کاڌائون.


سچو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کي ڌڪاري ٿو: پر شرير ماڻهو نفرت جهڙو آهي، ۽ نيٺ شرمندو ٿئي ٿو.


ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان جي وسيلي خزانا هٿ ڪرڻ اُها ٻاڦ آهي، جا هيڏي هوڏي اُڏامي ٿي، جيڪي انهن کي ڳولين ٿا سي موت کي ڳولين ٿا.


جيڪو ظلم ٿو پوکي سو مصيبت لڻندو: ۽ هن جي ڪاوڙ جي لٺ نڪمي ٿيندي.


جيڪي اصل هستيءَ ۾ نہ آهي تنهن تي پنهنجون اکيون وجهندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيئن عقاب آسمان ڏانهن اُڏامي ٿو وڃي، تيئن دولت بہ ضرور اُڏامي ويندي.


مون تو کان ٻہ شيون گهريون آهن، منهنجي مرڻ کان اڳي انهن جي مون کي ڏيڻ کان انڪار نہ ڪر.


واعظ چوي ٿو تہ بيهودگين جي بيهودگي، بيهودگين جي بيهودگي، سڀ ڪجهہ بيهودو آهي.


افسوس انهن تي جي برائيءَ کي مغروريءَ جي نوڙين سان ڇڪن ٿا، ۽ گناهہ کي ڄڻ تہ گاڏيءَ جي رسي سان تاڻين ٿا:


ڪوبہ راستيءَ سان دعويٰ نٿو ڪري، ۽ ڪوبہ سچائيءَ سان حجت نٿو ڪري: اهي اجاين ڳالهين تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين؛ انهن جي پيٽ ۾ دغا آهي، ۽ هو بدڪاري ٿا ڄڻين.


تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو ۽ هنن يرمياہ کي پهري وارن جي ايوان ۾ آڻي ويهاريو، ۽ ڏهاڙي نانواين جي گهٽيءَ مان هن کي هڪڙي ماني آڻي ڏيندا هئا، جيسين ڪ شهر ۾ جيڪا ماني هئي سا سڀ کپي ويئي. انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهيو پيو هو.


۽ هن جي قوت گذران لاءِ بابل جي بادشاهہ وٽان هن جي مرڻ جي ڏينهن تائين، سندس باقي حياتيءَ جي ڏينهن، روزمرہ جي خرچ موجب ملندو هوس.


پر اوهين پهرين هن جي بادشاهي ۽ سندس سچائي ڳوليو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


اسان جي ڏهاڙيءَ جي ماني هر روز اسان کي ڏي.


پوءِ کين چيائين تہ هاڻي ڪڍي مير مجلس وٽ کڻي وڃو، ۽ هو کڻي ويا.


اي صاحبو، اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جا هم جنس انسان آهيون، ۽ اوهان کي خوشخبري ٿا ٻُڌايون، تہ اوهين هنن ڪوڙين شين کان پاسو ڪري، انهي جيئري خدا ڏانهن ڦري اچو، جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ، ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ