7 مون تو کان ٻہ شيون گهريون آهن، منهنجي مرڻ کان اڳي انهن جي مون کي ڏيڻ کان انڪار نہ ڪر.
7 اي خداوند! آءٌ تو کي ٻہ عرض ٿو ڪريان جيڪي منهنجي مرڻ کان اڳ تون قبول ڪر.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پار پهتا تڏهن ايلياہ اليشع کي چيو تہ آءٌ تو وٽان کڄي وڃان، تنهن کان اڳي گهُر تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان. ۽ اليشع چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تنهنجي روح جو ٻيڻو حصو مون تي پوي.
تو هن جي دل جي مراد پوري ڪئي آهي، ۽ سندس زبان جو عرض رد نہ ڪيو اٿيئي.
مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.
هن جي ڪلام ۾ تون ٻيو ڪي بہ ڪين گڏ، تہ متان هو توکي ملامت ڪري ۽ تون ڪوڙو معلوم ٿين.
بيهودگي ۽ ڪوڙ مون کان پاسي ڪر، نہ مون کي ڪنگالپڻ ڏي نہ دولت، مون کي اهو کاڌو کاراءِ جو منهنجي لاءِ ضروري آهي.
پر هڪڙي ڳالهہ زيادہ ضروري آهي؛ ۽ مريم اُهو چڱو حصو چونڊي کنيو آهي، جو کانئس ڪين کسبو.