Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 30:3 - Sindhi Bible

3 آءٌ ڏاهپ نہ سکيو آهيان، ۽ نہ انهي پاڪ وجود کي سڃاڻان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ ڄڻ تہ ڪا ڏاهپ سکيو ئي نہ آهيان، جو ڪنهن پاڪ هستيءَ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگھان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 30:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪير آسمان تي چڙهيو آهي ۽ لٿو اهي؟ ڪنهن پنهنجن مٺين ۾ واءُ گڏ ڪيو آهي؟ ڪنهن پنهنجي ڪپڙي ۾ پاڻين کي ٻڌو آهي؟ ڪنهن ڌرتيءَ جا سڀ ڪنارا قائم ڪيا آهن؟ جي خبر هجيئي تہ ٻڌاءِ تہ انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟ ۽ انهي جي پٽ جو نالو ڇا آهي؟


خداوند جو خوف ڏاهپ جو منڍ آهي، ۽ پاڪ خدا جي سياڻپ سمجهہ آهي.


رستي کان نڪري ٻاهر ٿيو، واٽ کان ڦري پاسي ٿيو، اسرائيل جي قدوس کي اسان جي اڳ کان پري ڪريو.


ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.


هن قوم جي دل ڦوڦي ڪر، ۽ انهي جا ڪن گهٻرا ڪر، ۽ انهي جون اکيون بند ڪر، متان هو پنهنجن اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دل سان سمجهن ۽ باز اچن، ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿين.


۽ هڪڙي ٻئي کي سڏي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، قدوس، قدوس، قدوس، آهي: ساري زمين هن جي جلال سان ڀرپور آهي.


منهنجي پيءُ سڀ ڪجهہ مون کي سونپي ڇڏيو آهي، ۽ پٽ کي پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي؛ نڪي ڪو پيءُ کي پٽ کانسواءِ ٿو سڃاڻي، ۽ اُنهي کانسواءِ جنهن کي پٽ اهو ظاهر ڪرڻ گهري.


۽ يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ اي شمعون بار يوناهہ، تون مبارڪ آهين: ڇالاءِ جو گوشت ۽ رت نہ، پر منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن توکي ظاهر ڪري ڄاڻايو آهي.


۽ هميشہ جي زندگي هيءَ آهي، تہ هو تو هڪ سچي خدا کي، ۽ يسوع مسيح، جنهن کي تو موڪليو آهي، تنهن کي سڃاڻن.


واهہ واهہ، خدا جي دولت ۽ حڪمت ۽ علم ڪهڙو نہ بي بيان آهي! سندس فيصلا ڪهڙا نہ سمجهہ کان ٻاهر آهن، ۽ سندس رستن جو پتو پئجي نٿو سگهي!


۽ فلدلفيہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک تہ هو جو پاڪ ۽ سچو آهي، جنهن وٽ دائود جي ڪنجي آهي، جنهن جي کوليل کي ڪوبہ بند نہ ڪندو، ۽ جنهن جي بند ڪيل کي ڪوبہ نہ کوليندو، سو هيئن ٿو چوي تہ


۽ انهن چئني جاندارن مان هرهڪ کي ڇهہ پر هئا، ۽ چوڌاري ۽ اندران اکين سان ڀريا پيا هئا؛ ۽ اهي رات ڏينهن سدائين پيا ڳائين، قدوس، قدوس، قدوس آهي خداوند خدا، قادر مطلق، جو هو، ۽ آهي، ۽ اچڻ وارو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ