5 پنهنجي سموريءَ دل سان خداوند تي ڀروسو رک، ۽ پنهنجي سمجهہ تي ٽيڪ نہ ڏي:
5 اوهين دل وَ جان سان خداوند تي توڪل رکو ۽ رڳو پنهنجي سمجھہ تي نہ ڀاڙيو.
تنهنڪري اسان روزو رکيو، ۽ پنهنجي خدا کي عرض ڪيوسين؛ ۽ هن اسان جو عرض قبول ڪيو.
جيتوڻيڪ هو مون کي کڻي ڪهندو تہ بہ آءٌ هن جي لاءِ منتظر رهندس: انهيءَ هوندي بہ آءٌ هن جي اڳيان پنهنجن رستن جي تائيد ڪندس.
جن جو ڀروسو خداوند تي آهي سي صيون جبل جهڙا آهن، جو هٽجي نٿو سگهي، پر هميشہ قائم آهي.
تون خداوند تي ڀروسو رکي ڀلائي ڪر؛ ۽ ملڪ ۾ رهي ايمانداريءَ سان هل.
پنهنجون واٽون خداوند جي حوالي ڪر؛ ۽ مٿس ڀروسو رک، هو پاڻيهي تنهنجو مطلب پورو ڪندو.
خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر.
اي قومون هر وقت انهي تي ڀروسو رکو؛ پنهنجي دل انهي جي اڳيان کوليو: خدا اسان جي پناهہ آهي.
اُهي اڄوڪي ڏينهن مون توکي ٻڌايا آهن، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿئي.
دولتمند ٿيڻ لاءِ پاڻ کي هلاڪ نہ ڪر؛ پنهنجي اها ڏاهپ ڇڏي ڏي.
جيڪو پنهنجي دل تي ڀروسو ٿو رکي سو بي عقل آهي، پر جيڪو ڏاهپ سان هلي ٿو سو ڇوٽڪارو لهندو.
پنهنجيءَ نظر ۾ ڏاهو نہ ٿيءُ: خداوند کان ڊڄ ۽ خرابيءَ کان پري ڀڄ:
ڏسو، خداوند منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ويساهہ ڪندس ۽ ڪين ڊڄندس: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهي؛ ۽ اهو منهنجي نجات ٿيو آهي.
اي خداوند، مون کي خبر آهي تہ ماڻهوءَ جو رستو خود منجهس ناهي: اهو ماڻهوءَ جي اختيار ۾ نہ آهي تہ جيڏي وڻيس تيڏي پنهنجا قدم هلائي.
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نڪي زور وارو ماڻهو پنهنجي زور تي فخر ڪري، نڪي دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري:
۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪڪر عبادتگاهہ جي مٿان ٿورا ڏينهن بيهندو هو، تڏهن هو خداوند جي حڪم موجب منزل ڪري ويهندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم موجب ڪوچ ڪندا هئا.
پر جيستائين ڪڪر عبادتگاهہ جي مٿان بيٺو هوندو هو، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا، ۽ ڪوچ ڪين ڪندا هئا؛ پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا مهينو هجي يا سال هجي. وري جڏهن اهو کڄندو هو، تڏهن اهي ڪوچ ڪندا هئا.
پاڻ ۾ يڪدل ٿي رهو. وڏن وڏن خيالن تي پنهنجي دل نہ ڄمايو، پر جيڪي نماڻا آهن تن سان سنگت رکو. پاڻ کي عقل وارا نہ سمجهو.
انهي لاءِ تہ اسين، جن اڳيئي مسيح ۾ اُميد رکي هئي، سي انهي جي جلال جي تعريف جو سبب ٿيون.