4 ائين ڪرڻ سان تون خدا ۽ ماڻهوءَ جي نظر ۾ قبوليت ۽ چڱي سمجهہ حاصل ڪندين.
4 ائين ڪرڻ سان ئي اوهين خدا ۽ ماڻهن جي نظر ۾ مقبوليت ۽ نيڪ نامي حاصل ڪندا.
پر خداوند يوسف سان هو، ۽ مٿس رحم ڪري قيد خاني جي داروغي کي مٿس مهربان ڪيائين.
خداوند جي ڊپ دانائيءَ جي شروعات آهي؛ جيڪي هن جي حڪمن کي مڃين ٿا سي سمجهو آهن: سندس تعريف هميشہ تائين ٿيندي رهندي.
چڱو ماڻهو خداوند جي مهرباني حاصل ڪندو: پر خراب تجويزن واري ماڻهوءَ کي هو ڏوهي ٺهرائيندو.
چڱي سمجهہ قبوليت ٿي بخشي: پر دغابازن جو رستو ڏکيو آهي.
ڇالاءِ جو جيڪو مون کي لهي ٿو سو حياتي لهي ٿو، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ڪندو.
هاڻي خدا داني ايل کي ناظرن جي سردار جي نظر ۾ مان وارو ۽ رحم جوڳو ڪيو.
۽ يسوع سياڻپ ۽ قد، ۽ خدا ۽ انسان جي مقبوليت ۾ وڌندو ويو.
۽ خدا جي تعريف ڪندا هئا؛ ۽ سڀني ماڻهن وٽ عزت هُين، ۽ جن کي نجات ٿي ملي، تن کي خداوند روزبروز آڻي ساڻن شامل ڪندو هو.
۽ جيڪو انهيءَ طرح مسيح جي خدمت ٿو ڪري سو خدا کي پسند آهي، ۽ ماڻهن وٽ قبول پيل آهي.
ڇالاءِ جو اسين انهن ڳالهين جو اڳيئي خيال ٿا ڪريون جي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾، پر ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱيون آهن.
۽ خداوند حنہ تي نگاهہ ڪئي، ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ ٽي پٽ ۽ ٻہ ڌيون ڄڻيائين، ۽ اُهو ڇوڪر سموئيل خداوند جي حضور ۾ وڏو ٿيندو ويو.
۽ اُهو ڇوڪر سموئيل وڌندو ويو ۽ خداوند توڙي انسان هن کي پسند ڪندا هئا.