34 يقين آهي تہ هو ٺٺولي ڪندڙن تي ٺٺولي ٿو ڪري، پر هو نماڻن تي فضل ڪري ٿو.
34 جيڪي ٻين کي حقير سمجھن ٿا تن کي خدا حقير ٿو بڻائي، پر نهٺن ماڻهن تي هو فضل ٿو ڪري.
ڇو تہ جيتوڻيڪ خداوند بلند آهي، تڏهن بہ نماڻن تي نظر ٿو ڪري: پر مغرورن کي پري کان ئي سڃاڻيو وٺي.
پاڪ ماڻهن سان تون پاڪ آهين؛ ۽ ڏنگي سان تون ڏنگو آهين.
اوهان جي مصيبت جي ڏينهن ۾ آءٌ بہ کلندس؛ جڏهن اوهان تي ڊپ ايندو تڏهن آءٌ ٺٺوليون ڪندس؛
بي عقل گناهہ تي ٺٺولي ڪن ٿا: پر سچن ۾ چڱي نيت آهي.
دل جو نماڻو ٿي غريبن سان گذارن بهتر آهي: انهيءَ کان تہ مغرور ماڻهن سان لٽ جو مال ورهائي وٺجي.
سزا جا فيصلا ٺٺوليون ڪندڙن جي لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن، ۽ چهبڪ بي عقلن جي پٺن لاءِ
مغرور ۽ هٺيلي ماڻهوءَ جو نالو ٺٺولي ڪندڙ آهي، اهو مغروريءَ جي بي حيائيءَ سان ڪم ڪري ٿو.
جيڪڏهن تون ڏاهو آهين تہ پنهنجي لاءِ ڏاهو آهين: ۽ جيڪڏهن تون ٺٺوليون ڪندين تہ تون ئي انهيءَ جو بار کڻندين.
ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.
پر هو زيادہ فضل ٿو ڏئي، تنهنڪري هو فرمائي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“
ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“