Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 3:32 - Sindhi Bible

32 ڇالاءِ جو ڏنگي ماڻهوءَ کان خدا کي نفرت ٿي اچي: پر انهيءَ جو ڳجهہ سچن وٽ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 ڇاڪاڻ تہ ڏنگي ماڻهوءَ کان خداوند کي نفرت آهي. پر سچارن کي هو پنهنجو گھاٽو دوست رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 3:32
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن آءٌ پنهنجي رسيدگي جي ڏينهن ۾ هوندو هوس، جڏهن خدا جي ٻاجهہ منهنجي تنبوءَ تي هوندي هئي؛


پاڪ ماڻهن سان تون پاڪ آهين؛ ۽ ڏنگي سان تون ڏنگو آهين.


جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا سي ئي سندس ڳجهہ کان واقف آهن؛ ۽ اُنهن کي هو پنهنجو عهد سمجهائيندو.


جيڪي ڏنگيءَ دل وارا آهن تن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جيڪي ڪامل رستي وارا آهن، تن مان هو خوش ٿو ٿئي.


دل پنهنجي ڪَڙاڻ پاڻ ڄاڻي ٿي: ۽ ڪو ڌاريو انهيءَ جي خوشيءَ ۾ دست اندازي نٿو ڪري.


جيڪو شرير کي سچو ٺهرائي ۽ جيڪو سچي کي شرير ٺهرائي. تن ٻنهي کان خداوند کي نفرت ٿي اچي.


خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.


ڏسو، اوهين ڪي ڪين آهيون ۽ اوهان جو ڪم بہ ڪي ڪين آهي: جيڪو اوهان کي پسند ٿو ڪري سو ڪراهت جهڙو آهي.


انهي مهل يسوع ورندي ڏيئي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏنيون اٿيئي،


۽ هن کين ورندي ڏيئي چيو تہ اوهان کي آسمان جي بادشاهت جي ڳجهن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، پر نہ هنن کي.


تن کي چيائين تہ اوهين اُنهن مان آهيو جي ماڻهن اڳيان پاڻ کي راستباز ٿا ٺهرائين، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي اڳيان ڪراهت جهڙو آهي.


هن کان پوءِ آئون اوهان کي نوڪر ڪري نٿو سڏيان؛ ڇالاءِ تہ نوڪر کي خبر نہ آهي تہ سندس مالڪ ڇا ٿو ڪري: پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ وٽان ٻُڌيون آهن، سي سموريون اوهان کي ڄاڻايون اٿم.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُري، تہ کيس انهيءَ تعليم بابت خبر پوندي، تہ اُها خدا وٽان آهي يا آئون پاڻو ٿو چوان.


جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون لڪل من مان ڏيندس، ۽ هڪڙو اڇو پهڻ ڏيندوسانس، ۽ انهي پهڻ تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، ۽ جنهن کي اهو نالو ملندو تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ اهو نہ ڄاڻندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ