Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 3:3 - Sindhi Bible

3 ائين نہ ڪر تہ رحم ۽ سچ توکي ڇڏي وڃن: انهن کي پنهنجي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏ: انهن کي پنهنجي دل جي تختي تي لکي ڇڏ:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ڀرپور شفقت ۽ سچائيءَ کي پاڻ کان جدا نہ ڪريو. انهن کي پنهنجي ڳچيءَ جو هار بڻايو، بلڪ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 3:3
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن صورت ۾ تون اڃا ڪالهہ ئي آيو آهين تڏهن اڄ توکي آءٌ پاڻ سان هيڏي هوڏي ڇو رُلايان؟ ڇالاءِ جو آءٌ جيڏي وڃي سگهندس اوڏي ويندس: تون موٽي وڃ، ۽ پنهنجي ڀائرن کي بہ موٽائي وٺيو وڃ؛ شل رحم ۽ سچ توسان هجي.


مون تنهنجو ڪلام پنهنجيءَ دل ۾ رکيو آهي، تہ آءٌ تنهنجي برخلاف گناهہ نہ ڪريان.


جيڪي خداوند جي عهد ۽ سندس شاهدين کي مڃين ٿا: تن لاءِ هن جون سڀ واٽون ٻاجهہ ۽ سچائي آهن.


رحم ۽ سچ ٻئي اچي گڏ ٿيا آهن؛ راستيءَ ۽ سلامتيءَ هڪ ٻئي کي چُميو آهي.


۽ اها تو وٽ تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ تہ خداوند جي شريعت تنهنجي وات ۾ هجي؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي زور واري هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


۽ خداوند هن جي اڳيان هيئن چوندو لنگهيو تہ ”خداوند، رحمان ۽ رحيم خدا، ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو، رحم ۽ سچ سان ڀرپور،


ڇالاءِ جو اهي تنهنجي مٿي جي لاءِ زينت جو ڇٽ، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جا طوق ٿيندا.


جي برائيءَ جي رٿ ڪن ٿا سي گمراهہ نہ آهن ڇا؟ پر رحم ۽ سچ انهن لاءِ هوندو جي چڱائيءَ جي رٿ ٿا ڪن.


رحم ۽ سچ سان بي انصافي دفع ٿي وڃي ٿي! ۽ خداوند جي خوف سان ماڻهو بديءَ کان پري رهن ٿا.


رحم ۽ سچ بادشاهہ کي بچائين ٿا: ۽ ان جو تخت رحم قائم ڪيو اچي.


انهن کي هميشہ پنهنجيءَ دل تي ٻڌي ڇڏ، ۽ پنهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري ڳنڍ ڏيئي ڇڏين.


انهن کي پنهنجين آڱرين تي ٻڌي ڇڏ؛ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏ.


يهوداہ جو گناهہ لوهہ جي قلم سان، ۽ هيري جي نوڪ سان لکيو ويو آهي: اهو سندن دل جي تختيءَ تي ۽ سندن قربانگاهن جي سڱن تي اُڪريو ويو آهي؛


اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ.


سچائيءَ جي شريعت هن جي وات ۾ هئي، ۽ هن جي چپن تي ڪوڙ نہ هو: مون سان هو صلح ۽ سچائيءَ سان ٿي هليو، ۽ هن گهڻن ئي کي بڇڙائيءَ جي راهہ کان ڦيرايو.


افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين ڦودني ۽ سونف ۽ جِيري تي تہ ڏهون حصو ٿا ڏيو، پر جيڪي شريعت جون انهي کان ڳريون ڳالهيون آهن، يعني انصاف ۽ رحم ۽ ايمان، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ: پر اِهي تہ اوهان کي ڪرڻ گهربيون هيون، ۽ هو ٻيون بہ ڇڏي ڏيڻ نہ کپنديون هيون.


۽ اها ڳالهہ پڌري ٿي آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جو اسان خدمت بجا آڻي لکيو، نہ مس سان، پر جيئري خدا جي روح سان، نہ پهڻ جي تختين تي، پر گوشت جي يعني دلين جي تختين تي.


(ڇالاءِ جو روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائيءَ ۽ راستبازيءَ ۽ سچائيءَ ۾ آهي،)


۽ تون انهن کي نشانيءَ طور پنهنجيءَ ٻانهن تي ٻڌج، ۽ اهي تنهنجي نرڙ تي طوق وانگر هجن.


”خداوند ٿو فرمائي تہ هي اهو عهد آهي جو آئون انهن ڏينهن کانپوءِ ساڻن ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس؛“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ