26 ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو ڀروسو ٿيندو، ۽ تنهنجي پير کي پڪڙجڻ کان سنڀاليندو.
26 انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جو سهارو بڻبو ۽ اوهان کي هر نقصان کان محفوظ رکندو.
توکي جيڪو خدا جو ڊپ آهي سو تنهنجو ڀروسو ناهي ڇا، ۽ تنهنجن رستن جي سچائي تنهنجي اُميد ناهي ڇا؟
هو تنهنجي پير کي ترڪڻ نہ ڏيندو: جيڪو توکي سنڀالي ٿو سو جهوٽو بہ ڪين کائيندو.
ڇو جو هو توکي ماريءَ جي ڦندي کان، ۽ موتمار مريءَ کان ڇڏائيندو.
خدا جي خوف ۾ پڪو يقين آهي: ۽ ان جي اولاد کي پناهہ جي جاءِ ملندي.
هو پنهنجي ٻانهن جا پير سنڀاليندو، پر شرير کي هو اونداهيءَ ۾ ماٺ ڪرائيندو؛ ڇالاءِ جو پنهنجي زور جي ڪري ڪوبہ انسان غالب نہ ٿيندو.