Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 3:25 - Sindhi Bible

25 اوچتي خوف کان متان ڊڄين، نڪي شريرن جي خرابيءَ جي اچڻ کان:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 سو اوهان کي انهن اوچتين مصيبتن جو ڪوبہ فڪر ڪونہ هوندو، جيڪي بدڪارن تي طوفان جيان اچي ڪڙڪن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 3:25
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو خراب خبر ٻڌي ڪين ڊڄندو، سندس دل قائم آهي، ڇو جو خداوند تي ڀروسو رکيو اٿس.


اهي اک ڇنڀ ۾ ڪيئن نہ چٽ ٿي ويا آهن! ۽ ڊپ ۾ ئي فنا ٿي ويا آهن.


تون رات جي هيبت کان ڪين ڊڄندين، نڪي انهي تير کان جو ڏينهن جو هلايو ويندو،


جڏهن اوهان تي ڊپ طوفان وانگر ايندو، ۽ اوهان جي مصيبت واچوڙي وانگر ايندي؛ جڏهن تنگي ۽ ڏک اوهان تي ايندو؛


تون راستبازيءَ ۾ قائم ڪئي ويندينءَ: تون ظلم کان پري رهندينءَ ڇالاءِ جو تون ڊپ نہ ڪندينءَ؛ تون خوف کان پري رهندينءَ، ڇالاءِ جو اهو توکي ويجهو نہ ايندو.


پر هرڪو ماڻهو، پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ هيٺان ويهندو، ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو اهو فرمان آهي.


۽ آءٌ پنهنجي گهراڻي جي چوڌاري لشڪر وانگي گهيرو ڪندس، جيئن ڪو اچي وڃي نہ سگهي، ۽ نہ ڪو ظالم اُتان وري گذري: ڇالاءِ جو هاڻي مون پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي.


تنهنڪري جڏهن اوهين ڏسو، تہ اُها ويران ڪندڙ ۽ بڇان ڏيندڙ شيءِ پاڪ جاءِ ۾ بيٺي آهي جنهن بابت داني ايل نبي چئي ويو آهي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)،


۽ اوهين جنگين جون ڳالهيون، ۽ جنگين جا افواہ ٻڌندا: ڏسو، گهٻرائجي نہ وڃجو: ڇالاءِ جو اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون؛ پر اڃا پڄاڻي نہ آئي آهي.


پوءِ هنن کي چيائين، تہ ڇو ٿا ڊڄو؟ اڃا بہ ايمان ڪونہ اٿوَ ڇا؟


۽ جڏهن اوهين جنگين ۽ فسادن جا افواهہ ٻُڌو، تڏهن گهٻرائجو نہ، ڇو جو پهريائين اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون؛ پر پڄاڻي هڪدم ڪين ايندي.


پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، اوهين خدا تي ايمان ٿا رکو، مون تي بہ ايمان رکو.


پر جي راستبازيءَ جي ڪري اوهين کڻي ڏک سهو تہ بہ اوهين مبارڪ آهيو: ۽ انهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي مونجهاري ۾ پئو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ