Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 3:24 - Sindhi Bible

24 جڏهن تون ليٽندين تڏهن ڊڄندين ڪين: هائو، تون ليٽندين تہ تنهنجي ننڊ مٺي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 اوهين بنا ڪنهن ڳڻتيءَ جي ليٽي آرام ڪندا ۽ سڄي رات سمهي مٺي ننڊ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 3:24
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح يهوسفط جي بادشاهيءَ ۾ آرام ٿيو: ڇالاءِ جو هن جي خدا هن کي چوڌاري آرام بخشيو.


تون وڃي سمهي رهندين ۽ ڪوبہ توکي نہ ڊيڄاريندو؛ هائو، گهڻيئي توکي عرض ڪندا.


هن جي دل قائم آهي، تنهن ڪري هو ڪين ڊڄندو، ايترو جو هو پنهنجي دشمنن کي ڏسي وٺندو.


اوهين جي صبح جو سوير ٿا اُٿو، ۽ رات جو دير سان ٿا سمهو، ۽ سخت پورهيو ڪري ماني ٿا کائو، سو بہ اجايو آهي: ڇو جو هو پنهنجن پيارن کي ننڊ ۾ ئي ٿو ڏئي.


آءٌ ليٽي پيس ۽ سمهي رهيس؛ آءٌ جاڳي اُٿيس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي سنڀالي ٿو.


لکين ماڻهو، جن منهنجي برخلاف گهيرو ڪيو آهي، تن کان آءٌ ڪين ڊڄندس.


آءٌ بي فڪر ٿي ليٽندس ۽ ننڊ ڪندس ڇالاءِ جو رڳو تون ئي، اي خداوند، مونکي سلامتيءَ ۾ ٿو رکين.


تون رات جي هيبت کان ڪين ڊڄندين، نڪي انهي تير کان جو ڏينهن جو هلايو ويندو،


پر جيڪو منهنجي ٻڌندو سو صحيح سلامت رهندو، ۽ خرابيءَ جي ڊپ کان آزاد رهندو.


خداوند جو خوف حياتيءَ جو سبب آهي: ۽ جنهن کي اُهو آهي سو هميشہ راضي رهندو؛ انهيءَ کي ڪابہ خرابي ڪانہ رسندي.


جڏهن هلندين تڏهن اُهو تنهنجي هدايت ڪندو؛ جڏهن تون سمهندين تڏهن اُهو تنهنجي مٿان پهرو ڏيندو؛ ۽ جڏهن تون جاڳندين تڏهن اهو تو سان ڳالهائيندو.


پورهئي ڪندڙ ماڻهوءَ جي ننڊ مٺي آهي، پوءِ هو ٿورو کائي يا گهڻو: پر دولتمند جي پيٽ ڀريائي هن کي سمهڻ نہ ڏيندي.


تون راستبازيءَ ۾ قائم ڪئي ويندينءَ: تون ظلم کان پري رهندينءَ ڇالاءِ جو تون ڊپ نہ ڪندينءَ؛ تون خوف کان پري رهندينءَ، ڇالاءِ جو اهو توکي ويجهو نہ ايندو.


اتي آءٌ جاڳي پيس ۽ نگاهہ ڪيم؛ ۽ منهنجي ننڊ مون کي مٺي لڳي.


خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ پاڻ پنهنجون رڍون چاريندس، ۽ انهن کي آرام ڏيندس.


۽ آءٌ هنن سان صلح جو عهد اقرار ڪندس، ۽ خراب جانورن کي انهي زمين مان موقوف ڪري ڇڏيندس: پوءِ هو سلامتيءَ سان بيابان ۾ رهندا ۽ ٻيلي ۾ سمهندا.


۽ ميدان جا وڻ پنهنجو ڦر ڏيندا، ۽ زمين پنهنجي اُپت پيدا ڪندي، ۽ هو پنهنجي ملڪ ۾ صحيح سلامت رهندا؛ ۽ تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ هنن جي پاڃاريءَ جا گز ڀڃي ڇڏيندس، ۽ جيڪي هنن کان خدمت چاڪري وٺندا هئا تن جي هٿان هنن کي ڇڏائيندس.


۽ آءٌ ملڪ ۾ صلح ۽ آرام قائم ڪندس، ۽ اوهين سمهي ننڊون ڪندا، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڪونہ ڊيڄاريندو: ۽ آءٌ جهنگلي جانورن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ترار ڪانہ هلندي.


۽ جڏهن هيروديس کيس ٻاهر وٺي اچڻ تي هو، تڏهن انهيءَ رات پطرس ٻن زنجيرن سان ٻَڌل ٻن سپاهين جي وچ ۾ سمهيو پيو هو، ۽ سپاهين دروازي جي اڳيان پهرو پئي ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ