22 جو اُهي تنهنجي روح جي حياتي ٿيندا، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جو سينگار ٿيندا.
22 اهي اوهان کي هڪ ڊگھي ڄمار ۽ خوشحال زندگي بخشينديون.
ڇالاءِ جو اهي تنهنجي مٿي جي لاءِ زينت جو ڇٽ، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جا طوق ٿيندا.
جنهن کي سمجهہ آهي تنهنجي لاءِ اُها حياتيءَ جو هڪڙو چشمو آهي: پر بي عقلن کي فهمائش ڏيڻ انهن جي بي عقلي آهي.
جنهن کي ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي سو پنهنجي روح کي پيار ڪري ٿو: جيڪو سمجهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو چڱائي لهندو.
جيڪو سچائي ۽ رحم جي پٺيان هلي ٿو، سو حياتي، سچائي ۽ عزت لهي ٿو.
تعليم کي قابو ڪري جهل؛ ۽ وڃڻ نہ ڏينس؛ سنڀاليو اچينس؛ ڇالاءِ جو اها تنهنجي حياتي آهي.
ڇالاءِ جو جن کي اهي لڀن ٿيون تن جي لاءِ اُهي حياتي آهن، ۽ انهن جي سڄي جسم لاءِ تندرستي آهن.
ڇالاءِ جو جيڪو مون کي لهي ٿو سو حياتي لهي ٿو، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ڪندو.
اي خداوند، انهن ڳالهين ڪري ماڻهو جيئرا ٿا رهن، ۽ منهنجي روح جي حياتي سموري انهن ۾ آهي: تنهن ڪري تون ئي مون کي چڱو ڀلو ڪر ۽ مون کي جيئرو رک.
ڇالاءِ جو اها اوهان جي لاءِ ڪا اجائي شيءِ نہ آهي؛ پر اها اوهان جي زندگي آهي، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهيءَ جي ڪري اوهان جي عمر وڏي ٿيندي.