2 ڇا لاءِ جو اُهي، ڏينهن جي ڊگهائي، ۽ عمر جا ورهيہ، ۽ سلامتي تو ۾ وڌائيندا.
2 اهي اوهان جي لاءِ ڊگھي ڄمار، خوشحالي ۽ سلامتيءَ جو سبب بڻبيون.
۽ جيڪڏهن منهنجن قانونن ۽ حڪمن جي تعميل ڪرڻ لاءِ تون منهنجن رستن تي هلندين، جيئن ڪ تنهنجو پيءُ دائود هلندو هو، تہ پوءِ آءٌ تنهنجي عمر وڏي ڪندس.
تون وڏيءَ عمر ۾ پنهنجي قبر ۾ ايندين، جيئن ڪ اَن جو گڏو پنهنجي پوري وقت تي ايندو آهي.
جيڪي تنهنجي شريعت کي پيار ٿا ڪن، تن جي لاءِ ججهي سلامتي آهي؛ ۽ اُهي ڪڏهن بہ ٿاٻو نٿا کائين.
هائو تون پنهنجي ٻارن جا ٻار ڏسندين. اسرائيل تي سلامتي هجي.
هن توکان حياتي گهري، ۽ تو کيس اها بخشي؛ بلڪ هميشہ لاءِ وڏي ڄمار ڏني.
آءٌ هن کي وڏيءَ ڄمار سان آسودو ڪندس، ۽ پنهنجي نجات کيس ڏيکاريندس.
خدا جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو: پر شرير جا ورهيہ گهٽايا ويندا.
اڇو مٿو فخر جو ڇٽ آهي، اُهو سچائيءَ جي رستي ۾ لڀندو.
اي منهنجا پٽ ٻڌ، ۽ منهنجون چوڻيون قبول ڪر؛ تہ تنهنجي عمر جا ورهيہ گهڻا ٿين.
۽ منهنجي پيءُ مون کي تعليم ڏني ۽ مون کي چيائين تہ، جيڪي آءٌ چوان ٿو سو پنهنجي دل تي ڄمائي ڇڏ: منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪر ۽ جيئندو رهہ:
ڇالاءِ جو منهنجي وسيلي تنهنجا ڏينهن وڌندا، ۽ تنهنجي حياتيءَ جا ورهيہ زيادہ ٿيندا.
۽ راستبازيءَ جو ڪم سلامتي ٿيندو، ۽ راستبازيءَ جو نتيجو هميشہ لاءِ آرام ۽ تسلي ٿيندو.
ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت کائڻ پيئڻ تي منحصر نہ آهي، پر راستبازي، ۽ ميل ميلاپ، ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻَڌل آهي جا پاڪ روح جي طرفان آهي.
هاڻي خدا، جو اُميد ٿو بخشي، سو شل اوهان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ اوهين پاڪ روح جي قدرت سان اُميد ۾ وڌندا وڃو.
تنهنڪري جڏهن اسين ايمان جي ڪري راستباز ٺهرايا وياسين، تڏهن اچو تہ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ڪريون.
تہ جيسين زمين جي مٿان آسمان آهي تيسين اوهان جي، ۽ اوهان جي اولاد جي عمر، انهي ملڪ ۾ وڌندي وڃي، جو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ، خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.
تنهنڪري جيڪو حڪم خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ ساڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙجو.
ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي.