Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 3:16 - Sindhi Bible

16 عمر جي درازي اُن جي سڄي هٿ ۾ آهي، ۽ دولت ۽ عزت اُن جي کٻي هٿ ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ڏاهپ جي ساڄي هٿ ۾ ڊگھي ڄمار آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ عزت ۽ دولت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 3:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون توکي اهو بہ ڏنو آهي جو تو نہ گهريو آهي، يعني دولت، ۽ عزت، جنهنڪري تنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ بادشاهن مان ڪوبہ تو جهڙو نہ ٿيندو.


توکي ڪا هن تي خاطري ٿي سگهندي ڇا تہ هو تنهنجو فصل گهر کڻي ايندو، ۽ تنهنجي ڳاهڻ واري پڙ جو ان گڏ ڪندو؟


هن جي گهر ۾ مال ۽ دولت ٿيندي: ۽ سندس سچائي هميشہ تائين قائم رهندي.


هن توکان حياتي گهري، ۽ تو کيس اها بخشي؛ بلڪ هميشہ لاءِ وڏي ڄمار ڏني.


ٻڍاپي ۾ مون کي ڇڏي نہ ڏي؛ ۽ هيڻائي جي وقت ۾ مون کي پاسي نہ ڪر.


نماڻائيءَ جو انعام ۽ خداوند جو خوف دولت ۽ عزت ۽ حياتي آهي.


ڇا لاءِ جو اُهي، ڏينهن جي ڊگهائي، ۽ عمر جا ورهيہ، ۽ سلامتي تو ۾ وڌائيندا.


ڇالاءِ جو منهنجي وسيلي تنهنجا ڏينهن وڌندا، ۽ تنهنجي حياتيءَ جا ورهيہ زيادہ ٿيندا.


۽ اُهي انهي کي هن زماني ۾ ئي سؤڻيون ٿي نہ ملن، ڇا گهر، ڇا ڀائر، ڇا ڀينر، ڇا مائر، ڇا ٻار، ڇا ٻنيون، اگرچہ عذابن سان؛ ۽ وري ايندڙ زماني ۾ هميشہ جي زندگي.


غمگينن وانگر، مگر هميشہ خوش؛ غريبن وانگر، مگر گهڻن کي شاهوڪار ٿا ڪريون؛ سُڃن سکڻن وانگر، مگر سڀ ڪجهہ رکڻ وارا.


ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ