11 اي منهنجا پٽ، خداوند جي سيکت کي نہ ڌڪار؛ نڪي هن جي فهمائش، کان بيزار ٿيءُ:
11 اي منهنجا ٻارؤ! اوهين خداوند جي سيکت کي حقير نہ ڄاڻو، نڪي هن جي تنبيهہ کان بيزار ٿيو.
پر هاڻي اهو حال توتي آيو آهي، ۽ تون ماندو ٿو ٿين؛ اهو توکي ڇهي ٿو، ۽ توکي تڪليف ٿي رسي.
ڏس، سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جنهن کي خدا تاب ٿو ڏئي: تنهنڪري قادر مطلق جي سيکت کي نہ ڌڪار.
اي خداوند مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون سيکت ٿو ڏين، ۽ پنهنجي شريعت ٿو سيکارين؛
جيڪڏهن تون مصيبت جي ڏينهن بي حواس ٿي ويندين، تہ تنهنجو زور ٿورو آهي.
پر جڏهن خداوند اسان کي جاچي ٿو تڏهن اسان کي سيکت ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ اسين دنيا سان گڏ ڏوهاري ثابت نہ ٿيون.
سو جنهن صورت ۾ اسان کي هيءَ خدمت خدا جي رحمت سان ملي آهي، تنهن صورت ۾ اسين همت نٿا هاريون.
۽ تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين سمجهہ، تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي سيکت ڏيندو آهي، تيئن خداوند تنهنجي خدا توکي سيکت ٿي ڏني.
ڇالاءِ جو جنهن گنهگارن جي طرفان ايتري مخالفت سَٺي، تنهن تي غور ڪريو، تان تہ اوهين بيزار ٿي همت نہ هاريو.
جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.