Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 3:10 - Sindhi Bible

10 تہ پوءِ تنهنجا ڀانڊا گهڻي مال سان ڀربا، ۽ تنهنجا مٽ نئين شراب سان آڦر ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اوهين ائين ڪندا تہ اوهان جا گدام اناج سان ڀريل رهندا ۽ اوهان جا مٽ انگورن جي مئي سان ٽمٽار هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 3:10
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ عزرياہ سردار ڪاهن، جو صدوق جي گهراڻي مان هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ جنهن وقت ماڻهو خداوند جي گهر ۾ نذرانا آڻڻ لڳا، تنهن وقت کان وٺي اسان پئي کاڌو آهي، ۽ ججهو ئي کاڌو اٿئون، ۽ گهڻو ئي باقي بچائي ڇڏيو اٿئون: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي قوم کي برڪت ڏني آهي، ۽ باقي جيڪي بچيو آهي سو هي وڏو انبار آهي.


۽ خدا جي گهر جي خدمت لاءِ، ۽ شريعت لاءِ، ۽ حڪمن لاءِ جيڪو ڪم هن خدا جي طلب ۾ شروع ڪيو، سو پنهنجي سڄي دل سان ڪيائين، ۽ انهيءَ ۾ فتحياب ٿيو.


جڏهن اسان جا ڀانڊا سڀ ڪنهن قسم جي شين سان ڀريل هجن، ۽ اسان جون رڍون اسان جن واڙن ۾ هزارين ۽ لکين ٻچا ڏين،


جنهن کي مسڪين تي رحم ٿو اچي سو خداوند کي اُڌارو ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ جي چڱي ڪم جو بدلو هو کيس پاڻيهي وري ڏيندو.


جنهن جي اک سخا واري آهي سو برڪت وارو ٿيندو: ڇالاءِ جو هو پنهنجي مانيءَ مان غريبن کي ٿو ڏئي.


۽ پڙ ڪڻڪ سان ڀرجي ويندا، ۽ دنگ شراب ۽ تيل سان ڀرجي اُٿلي پوندا.


ٻج اڃا انبار خاني ۾ آهي ڇا؟ هائو، ڊاک ۽ انجير جي وڻ، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻ اڃا ڦر نہ جهليو آهي؛ اڄ کان وٺي آءٌ اوهان کي برڪت ڏيندس.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.


تہ لاوي، جنهن کي توسان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي اچي اهو کائي ڍءُ ڪن؛ انهي لاءِ تہ جنهن بہ ڪم ۾ تون هٿ وجهين، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي.


خداوند جي حڪم سان تنهنجن ڀانڊن ۾، ۽ جن جن ڪمن ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ برڪت پوندي، جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ توکي برڪت ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ