Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 27:8 - Sindhi Bible

8 جيئن ڪو پکي پنهنجي آکيري مان نڪري رلڻ وڃي ٿو، تيئن اُهو ماڻهو آهي جو پنهنجي جاءِ تان نڪري رُلڻ ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پنهنجي وطن کان دور ماڻهو ائين آهي، جيئن ڪو پکي پنهنجي آکيري کان ڀٽڪي ويو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 27:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ابرهام صبح جو سوير اُٿيو، ۽ ماني، ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪڙي مشق هاجرہ کي سندس ڪلهي تي رکي ڏنائين، ۽ ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيائينس. هو اتان نڪري بيرسبع جي رڻ پٽ ۾ رلندي رهي.


سو قائن خداوند جي حضوريءَ مان نڪري ويو ۽ عدن جي اڀرندي پاسي نود جي ملڪ ۾ وڃي رهيو.


تڏهن فرعون هن کي چيو تہ مون وٽ تنهنجي لاءِ ڪهڙي شيءِ جي گهٽتائي ٿي آهي جو ڏس، تون پنهنجي ملڪ ڏي وڃڻ ٿو گهرين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ ڪنهن شيءِ جي بہ نہ: انهيءَ هوندي بہ ڪنهن طرح مون کي موڪل ڏي.


۽ اُتي هو هڪڙيءَ غار ۾ اچي ٽڪيو؛ ۽ ڏس، خدا جو ڪلام وٽس آيو، جنهن چيس تہ اي ايلياہ، تون هتي ڇا ٿو ڪرين.


جيڪو ماڻهو سمجهہ جي رستي کان نڪري ٻاهر وڃي ٿو، سو مئلن جي جماعت ۾ وڃي رهندو.


جيئن جهرڪي رلڻ ۾، ۽ جيئن ابابيل اُڏامڻ ۾، تيئن جيڪا لعنت بي سبب آهي سا لهي نٿي.


ڍاول کي ماکيءَ جي ماناري کان بہ نفرت ٿي اچي، پر بکايل جان کي سڀڪا ڪَڙي شيءِ بہ مٺي ٿي لڳي.


ڇالاءِ جو موآب جون نديون ارنون جي لانگهن وٽ اهڙيون ٿينديون جهڙا گهمندڙ پکي، ۽ جهڙو پکيڙي ڇڏيل آکيرو.


پر يوناہ اُٿيو، انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور مان ڀڄي ترسيس ڏي وڃي؛ ۽ هو يافا ۾ لهي ويو ۽ اُتي هڪڙو جهاز ترسيس ڏي ويندو ڏٺائين: ۽ هو ڀاڙو ڏيئي انهيءَ ۾ وڃي ويٺو، انهي لاءِ تہ هنن سان گڏجي خداوند جي حضور مان نڪري ترسيس ڏي وڃي.


هرڪو ماڻهو اُنهي حالت ۾ رهي جنهن ۾ هو سڏيو ويو هجي.


سمنڊ جون شوخ لهرون آهن، جي پنهنجي بي شرميءَ جي گجي ٿيون اُڇلائين. گهُمندڙ تارا آهن، جن جي لاءِ ڀڀ اوندهہ هميشہ واسطي ٺهرايل آهي.


۽ جاد نبيءَ دائود کي چيو تہ انهي ڳڙهہ ۾ نہ رهہ؛ هتان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ وڃ. تڏهن دائود نڪري ويو، ۽ حارت جي ٻيلي ۾ آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ