Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 27:6 - Sindhi Bible

6 دوست جا زخم وفائي آهي، پر دشمن جون چميون گهڻيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 دوست جي هٿان پهتل زخم بہ وفا سان ڀرپور آهن، مگر دشمن جو ڳل سان لائڻ بہ سراسر دوکو ۽ فريب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 27:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ راستباز ماڻهو مون کي ماري، اها مهرباني ٿيندي؛ ۽ ڀلي تہ اهو مون کي جهڻڪي، اهو ڄڻ تہ منهنجي مٿي تي تيل وڌائين؛ شل منهنجو مٿو انهي کان انڪار نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو انهن بڇڙائين ۾ بہ آءٌ دعا گهرندس.


جيڪو ڌڪار لڪائي ٿو، تنهن جا چپ ڪوڙ ڳالهائيندڙ آهن؛ ۽ جيڪو گلا غيبت ٿو ڪري سو بيوقوف آهي.


چهبڪ جا ڦٽ بڇڙائي ڪڍيو ڇڏين: مار کائڻ سان دل صاف ٿئي ٿي.


ڍاول کي ماکيءَ جي ماناري کان بہ نفرت ٿي اچي، پر بکايل جان کي سڀڪا ڪَڙي شيءِ بہ مٺي ٿي لڳي.


جيڪو ڪنهن ماڻهو کي ملامت ڪري ٿو، سو انهي کان زيادہ مان لهندو جو زبان سان خوشامد ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو هو تہ ٿورن ڏينهن جي لاءِ جيئن مناسب سمجهندا هئا، تيئن اسان کي سيکت ڏيندا هئا؛ پر هي اسان جي فائدي لاءِ ٿو ڪري، تہ اسين هن جي پاڪيزگيءَ ۾ شامل ٿيون.


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ