5 لڪل محبت کان ظاهر ظهور ملامت بهتر آهي.
5 منهن تي سچ چئي ڏيڻ انهيءَ کان بهتر آهي جو محبت هجڻ ڪري ڪجھہ لڪايو وڃي.
جيڪو ڪنهن ماڻهو کي ملامت ڪري ٿو، سو انهي کان زيادہ مان لهندو جو زبان سان خوشامد ٿو ڪري.
تون پنهنجي ڀاءُ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ دشمني نہ رکج: تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي ضرور ڏوراپو ڏج، ۽ انهي جو لحاظ ڪري، پنهنجي سر تي گناهہ نہ کڻج.
۽ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ تنهنجو ڪو ڏوهہ ڪري، تہ اڪيلائيءَ ۾ هن کي سندس قصور ٻڌاءِ؛ جيڪڏهن هو تنهنجي ڳالهہ مڃي، تہ تو پنهنجو ڀاءُ پاڻ ڏانهن ڪيو:
پر جڏهن مون ڏٺو تہ هو انجيل جي سچائيءَ موجب سنوان سڌا نٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان ڪيفاس کي چيو تہ جي تون يهودي ٿي غير قومن وانگر ٿو گذارين ۽ نہ يهودين وانگر، تڏهن ڪيئن غير قومن کي زور ٿو ڪرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟
جيڪي گناهہ ڪن، تن کي سڀني جي اڳيان ملامت ڪر، تہ ڀلي ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي.