Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 27:3 - Sindhi Bible

3 پٿر ڳرو ٿو ٿئي ۽ واري وزني آهي، پر بي عقل جي چڙ انهن ٻنهي کان ڳري آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پٿر ڳرو ٿو ٿئي ۽ واري اڃا بہ وزني ٿئي ٿي، مگر بي‌عقل جي بي‌عقلي ٻين لاءِ انهن کان وڌيڪ ڳري آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 27:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لعنت سندن ڪاوڙ تي، جا ڏاڍي تکي هئي، ۽ سندن غصي تي، جو تمام سخت هو. آءٌ هنن کي يعقوب ۾ ڌار ڪندس، ۽ اسرائيل ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.


ڇالاءِ جو چڙ بي عقل ماڻهوءَ کي ماري ٿي ۽ حسد نادان ماڻهوءَ کي ڪهي ٿو.


بي عقل جي چڙ هڪدم معلوم ٿي وڃي ٿي: پر سياڻو ماڻهو خواري لڪائي ڇڏي ٿو.


مادي رڇ، جنهن جا ٻچا چورايا ويا هجن، سا ڪنهن ماڻهوءَ کي گڏجي تہ ڀلي گڏجي، پر بي عقل پنهنجي بي عقليءَ ۾ هن کي نہ گڏجي.


ڀلي تہ ڪو ٻيو تنهنجي تعريف ڪري ۽ نہ خود تنهنجو وات، ڪو ڌاريو ڪري ۽ نہ خود تنهنجا چپ.


ڪاوڙ ظلم جهڙي آهي ۽ غصو جوش جهڙو آهي، پر ريس جي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟


تڏهن نبوڪدنضر ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ سندس منهن جو رنگ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي برخلاف ڦري ويو: تنهنڪري هن حڪم ڏنو تہ جيترو کوري کي اڳي تپائيندا هئا، تنهن کان ستوڻو وڌيڪ تپايو.


۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي ڏسي، بلعام سوڌو ويهي رهي: تنهن تي بلعام کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هن گڏهہ کي پنهنجيءَ لٺ سان ماريو.


نہ قائن وانگر، جو انهي بڇڙي مان هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيائين. ۽ هن ڇو انهي کي قتل ڪيو؟ ڇالاءِ جو سندس ڪم برا هئا، ۽ سندس ڀاءُ جا ڪم راستبازيءَ جا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ