23 تون پنهنجي مال جي گلن جي سنڀال ڪر، ۽ پنهنجن ڌڻن کي چڱي طرح ڏسندو رهہ.
23 اي ڌنارؤ! پنهنجي رڍن ٻڪرين جي وقت سر سار سنڀال لهو.
پر هن چيس تہ سائينءَ جن کي خبر آهي، تہ هي ٻار نازڪ آهن، ۽ ڌڻ ۽ ڍور جيڪي مون وٽ آهن، سي کير ڌارائيندڙ آهن. سو جيڪڏهن هنن کي هڪڙي ئي ڏينهن گهڻو ڪاهبو، تہ سڀ ڌڻ مري ويندا.
۽ هن بيابان ۾ ٺلهہ ٺهرايا، ۽ گهڻا ئي حوض کوٽايا، ڇالاءِ جو هن وٽ گهڻو چوپايو مال هو؛ هيٺانهين زمين ۾ ۽ ميدان ۾ بہ: ۽ هن جا جبلن ۽ ٻنين ۾ هاري ۽ ڊاک جي باغن جا باغبان هئا؛ ڇالاءِ جو زراعت جو ڪم هنن کي گهڻو وڻندو هو.
پوءِ فرعون موٽي پنهنجي گهر هليو ويو، ۽ انهيءَ ڳالهہ جي پرواهہ نہ ڪيائين.
پنهنجو ڪم ٻاهر تيار ڪر، ۽ پنهنجي لاءِ ٻنيءَ کي تيار رک؛ ۽ پوءِ پنهنجو گهر اڏاءِ
تڏهن مون نهاري چڱيءَ طرح ويچار ڪيو: اُنهيءَ کي ڏسي مون سمجهيو.
اي قومون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو، ۽ پرانهين ٻيٽن ۾ اهو ٻڌايو؛ ۽ چئو تہ جنهن اسرائيل کي ڇڙوڇڙ ڪيو، سو ئي هن کي گڏ ڪندو ۽ سنڀاليندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ کي سنڀاليندو آهي.
جيئن ڪو ڌنار انهي ڏينهن پنهنجو ڌڻ ڳولي لهي، جنهن ڏينهن هو پنهنجين رلي ويل رڍن ۾ هجي، تيئن آءٌ بہ پنهنجون رڍون ڳولي لهندس؛ ۽ جن جن جاين تي هو بادل ۽ اونداهيءَ واري ڏينهن پکڙي ويون آهن اُتان آءٌ انهن کي ڇڏائيندس.
۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهين جي منهنجون رڍون، يعني منهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيو، سي انسان آهيو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا آهيان.
اُنهي لاءِ دربان دروازو کولي ٿو؛ ۽ رڍون هن جي تنوار ٻُڌن ٿيون: ۽ هو نالو وٺي پنهنجين رڍن کي سڏي ٻاهر ٿو آڻي.
تڏهن انهن کي چيائين، تہ جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڀري آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي رکجو؛ ۽ انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو، تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن.
خدا جو ڌڻ، جو اوهان جي سپرد آهي، تنهن کي اوهين چاريو ۽ انهي جي نگهباني ڪريو، نہ لاچاريءَ سبب، پر خوشيءَ سان، نہ پيسي جي لالچ تي، پر دل جي شوق سان؛
۽ جڏهن هن ماڻهن سان پئي ڳالهايو تڏهن هن جي وڏي ڀاءُ الياب اهو ٻڌو، ۽ الياب جي ڪاوڙ دائود تي ڀڙڪي، ۽ چوڻ لڳو تہ تون ڇو لهي آيو آهين؟ ۽ تون ڪنهن وٽ اُهي ٿوريون رڍون بيابان ۾ ڇڏي آيو آهين؟ تنهنجي مغروري ۽ تنهنجي دل جي شرارت آءٌ ڄاڻان ٿو؛ ڇالاءِ جو تون انهي لاءِ آيو آهين تہ جنگ ڏسين.