Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 27:22 - Sindhi Bible

22 جيتوڻيڪ تون ڪنهن بي عقل کي ڪٽيل اَن سان گڏ اکريءَ مهريءَ ۾ کڻي ڪُٽيندين، تہ بہ ان جي بي عقلي منجهانئس نڪري نہ ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 بي‌عقل ماڻهوءَ کي توڙي جو اُکري مُهريءَ ۾ اناج سان گڏ ڪُٽي ڪڍجي، تڏهن بہ هو بي‌عقل جو بي‌عقل ئي رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 27:22
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڳالهہ کان پوءِ بہ يربعام پنهنجي بڇڙي رستي کان باز نہ آيو، پر عام ماڻهن مان اُنهن مٿانهن هنڌن جا ڪاهن مقرر ڪيائين؛ جنهن جي مرضي ٿي ٿي، تنهن کي اُهو پاڪ عهدو ٿي ڏنائين، انهيءَ لاءِ تہ مٿانهن هنڌن جا ڪاهن ٿين.


۽ انهيءَ رات فرعون، ۽ سندس نوڪر، ۽ سڀيئي مصري اُٿيا، ۽ مصر ۾ ڏاڍو ماتم مچي ويو؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ گهر ڪونہ هو، جنهن ۾ ڪو موت نہ ٿيو هجي.


۽ جڏهن مصر جي بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ اهي ماڻهو ڀڄي ويا آهن، تڏهن فرعون ۽ سندس نوڪرن جي دل انهن ماڻهن جي برخلاف ڦيرو کاڌو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ اسان هي ڇا ڪيو جو اسرائيلين کي پنهنجيءَ غلاميءَ مان نڪري وڃڻ ڏنوسين؟


دشمن چيو تہ آءٌ پٺيان پوندس، آءٌ لٽ جو مال ورهائيندس، منهنجي خواهش انهن تي پوري ٿيندي. آءٌ پنهنجي ترار ڪڍندس، ۽ منهنجو هٿ انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو.


ڏاهن جي دولت سندن ڇٽ آهي: پر بي عقلن جي بي عقلي رڳي بي عقلي آهي.


تون چوندين تہ هنن مون کي ڌڪ هنيو آهي پر مون کي ايذاءُ ڪونہ پهتو آهي؛ هنن مون کي ماريو آهي، پر مون تي انهيءَ جو اثر ئي ڪونہ ٿيو: آءٌ ڪڏهن سجاڳ ٿيندس؟ آءٌ وري انهيءَ کي ڳوليندس.


جيئن ڪو ڪتو پنهنجي ڪيل قئي تي موٽي اچي ٿو، تيئن اُهو بي عقل آهي جو وري وري پنهنجي بي عقلي ظاهر ڪري ٿو.


ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي.


حبشي ڪو پنهنجي کل بدلائي سگهي ٿو ڇا يا ڪو چيتو پنهنجا چُٽا بدلائي سگهي ٿو ڇا؟ تڏهن اوهين بہ، جي بڇڙائي ڪرڻ تي هريل آهيو، سي چڱائي ڪري سگهندا.


اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.


۽ جڏهن انهي ڳالهہ جي سائول کي خبر پئي، تڏهن هن ٻيا قاصد موڪليا، ۽ اُهي بہ نبوت ڪرڻ لڳا تڏهن وري ٽيون ڀيرو سائول قاصد موڪليا ۽ اُهي نبوت ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ