Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 27:20 - Sindhi Bible

20 قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ماڻهوءَ جون اکيون بہ ڪڏهن ڍاول نہ رهنديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيئن قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ئي ماڻهو پنهنجي خواهشين مان ڪڏهن بہ نہ ٿو ڍاپجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 27:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي اڳيان قبر جو منهن اُگهاڙو آهي، ۽ جهنم بہ کليل آهي.


قبر ۽ ويراني خداوند جي اڳيان آهي: تڏهن انسانن جون دليون ڪيترو نہ وڌيڪ هونديون!


جيڪي اصل هستيءَ ۾ نہ آهي تنهن تي پنهنجون اکيون وجهندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيئن عقاب آسمان ڏانهن اُڏامي ٿو وڃي، تيئن دولت بہ ضرور اُڏامي ويندي.


جيئن پاڻيءَ ۾ منهن منهن سان موافق ٿو ڏسجي، تيئن ماڻهوءَ جي دل ماڻهوءَ سان.


سڀ شيون ماندائيءَ سان ڀريل آهن؛ ماڻهو اهو ظاهر ڪري نٿو سگهي: اک ڏسڻ سان ڍاول نہ آهي، ۽ ڪن ٻُڌڻ سان ڍاول نہ آهي.


هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن وٽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ بلڪ هن کي نڪو پٽ آهي، نڪو ڀاءُ آهي؛ انهي هوندي بہ هن جي محنت جي پڄاڻي ڪانهي، نڪي هن جون اکيون دولت سان ڍاول آهن. هو چوي ٿو تہ ڪنهن جي لاءِ آءٌ هيتري محنت ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجهان؟ اِها بہ بيهودگي آهي، هائو، نسوري زحمت آهي.


ماڻهوءَ جي سڀ محنت پنهنجي پيٽ لاءِ آهي، انهي هوندي بہ هن جي اشتها پوري نٿي ٿئي.


تنهن ڪري دوزخ پنهنجي خواهش وڌائي آهي، ۽ پنهنجو وات انداز کان ٻاهر پٽيو آهي: ۽ سندس شريف ۽ انهن جا رذيل، ۽ انهن جو تجمل، ۽ جيڪو بہ خوش ٿو رهي، سو انهيءَ ۾ پوي ٿو.


پر تنهنجون اکيون ۽ تنهنجي دل فقط تنهنجي لالچ لاءِ، ۽ بيگناهہ رت وهائڻ لاءِ، ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ لاءِ آهن.


هائو مغرور ماڻهو شراب وانگر دغاباز آهي ۽ پنهنجي گهر ۾ نٿو رهي؛ هو دوزخ وانگي پنهنجي گهرج وڌائي ٿو، ۽ موت وانگي آهي جنهن جو ڪڏهن بہ ڍءُ نٿو ٿئي، بلڪ سڀ قومون پنهنجي لاءِ گڏ پيو ڪري، ۽ سڀ خلقتون پنهنجي لاءِ پيو ميڙي.


اوهان گهڻي جي اُميد رکي، پر ڏسو ٿورو ٿي پيو؛ ۽ جڏهن اهو اوهين پنهنجو حاصل گهر کڻي آيا، تڏهن مون ڦوڪ ڏيئي اُهو اُڏائي ڇڏيو. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ جو منهنجو گهر ويران پيو آهي ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر ڊوڙندو ٿو وڃي.


ڇالاءِ جو جيڪي بہ دنيا ۾ آهي، يعني جسماني خواهش، ۽ اکين جي خواهش، ۽ حياتيءَ جي مغروري، سا پيءُ جي طرفان نہ آهي، پر دنيا جي طرفان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ